ڪوٽُ جي سنڌي معنيٰ
شھر جي چوڌاري ڏنل ديوار، لشڪر رکڻ لاءِ ڏنل وڏي ديوار، قِلعو، ڳڙه، شھر پناه، گڍُ، عالم پناھ، حصار، بادشاهن جي رهڻ جو وڏو محلات، قَصَرُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A fort, fortress.
ڪوٽُ جا بيتن ۾ حوالا
ڪَڏِھِين مَڙُه مُقامَ ۾، ڪَڏِھِين ڳاڙِھو گهوٽُ،
سَندو وارِيءَ ڪوٽُ، اَڏِئو اَڏِيندين ڪيتِرو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 20 ]

اَڇو ڪوٽُ عُمَرَ جو، ڏِسِئو ٿِي ڏَران،
هُتِ پوڃاڙِيءَ پَٽَنِ ۾، چانگارِينِ چَڙا،
قادِرَ ڀَڃُ ڪَڙا، تَہ مِلان مارُوئَڙَنِ کي.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 10 ]

اَڇو ڪوٽُ عُمَرَ جو، ڏِسئو ٿِي ڏَران،
اَٿِمِ سِڪَ ساڻيھَ جِي، وَطَنِ شالَ وَران،
جَي آئُون هِتِ مَران، تَہ نِجاھُ مَڙُه مَلِيرَ ڏي.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 11 ]