ڪو جي سنڌي معنيٰ
ڪوئِي، هڪڙو ڄَڻو، هِڪڙو. ڪوبِہ.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Any, some. Not any, not one.
ڪو جا بيتن ۾ حوالا
اورِ ڏُکندو اُو ٿِئي، ھادِي جَنھِن حَبِيبُ،
تِرُ تَفاوَتُ نَہ ڪَري، تَنھِن کي ڪو طَبِيبُ،
رَھنُما رَقِيبُ، ساٿَر آھي سُپِرِين.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 4 ]
تِرُ تَفاوَتُ نَہ ڪَري، تَنھِن کي ڪو طَبِيبُ،
رَھنُما رَقِيبُ، ساٿَر آھي سُپِرِين.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 4 ]
ڪَرِ ڪو واڪو وَسُ، ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾،
چَڙھِي ڏاڍين ڏُونگَرين، پيرُ پِريان جو پَسُ،
ڏورَڻَ مَنجهان ڏَسُ، پُوندُءِ ھوتَ پُنهونءَ جو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 20 ]
چَڙھِي ڏاڍين ڏُونگَرين، پيرُ پِريان جو پَسُ،
ڏورَڻَ مَنجهان ڏَسُ، پُوندُءِ ھوتَ پُنهونءَ جو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 20 ]
اَڃا ٿِي جِيَين، سَڄَڻُ سارِئو نَہ مَرين،
وَٽِيُون وِھَ گاڏِئُون، ڇورِي ڇو نَہ پِيَين،
لَڳُئِيء ڪو نَہ ھِنيَين، ڪو ڳُڻُ ٻاروچَنِ جو.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 1 ]
وَٽِيُون وِھَ گاڏِئُون، ڇورِي ڇو نَہ پِيَين،
لَڳُئِيء ڪو نَہ ھِنيَين، ڪو ڳُڻُ ٻاروچَنِ جو.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 1 ]
ڪَڏِھِين ڪو ٻاجَهہ پَئِي، ساڄَنَ مُجِ سَلامُ،
سِڪَ تُنھِنجِيءَ سُپِرِين، ڪِئَڙو تَنُ تَمامُ،
ھَٿَنِ حاجَ وِھُ ٿِي، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،
دوسَ نَہ سَھان دامُ، تُون وِندُرَ ٿِي ويلا ڪَرِين.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 11 ]
سِڪَ تُنھِنجِيءَ سُپِرِين، ڪِئَڙو تَنُ تَمامُ،
ھَٿَنِ حاجَ وِھُ ٿِي، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،
دوسَ نَہ سَھان دامُ، تُون وِندُرَ ٿِي ويلا ڪَرِين.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 11 ]
توکي پُڇِيُمِ تي، مَنَ ڪو اوٺِيَنِ جو اُھِڄُ ڏِيين،
لورِي لَنئُن ڀَري، پاڻان وانِيئِي وَمَ جو.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 9 ]
لورِي لَنئُن ڀَري، پاڻان وانِيئِي وَمَ جو.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 9 ]
پُنهونءَ سين پِرتِ جو، ڪو جو پيچُ پِئومِ،
ڀَنِڀي ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، وِھَڻُ وِھُ ٿِئومِ،
مِتِيُون موٽَڻَ سَندِيُون، ڪاڪِيُون ڪِيمَ ڏِئومِ،
سَرَتِيُون ساھُ سَندومِ، ٿِئو حَوالي ھوتَ جي.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 26 ]
ڀَنِڀي ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، وِھَڻُ وِھُ ٿِئومِ،
مِتِيُون موٽَڻَ سَندِيُون، ڪاڪِيُون ڪِيمَ ڏِئومِ،
سَرَتِيُون ساھُ سَندومِ، ٿِئو حَوالي ھوتَ جي.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 26 ]
ٻاروچا ٻِئا گَهڻا، مُنھِنجو اَٽَلُ آرِياڻِي،
چُونڊي رَکِيُمِ چِتَ ۾، ساڄَنُ سُڃاڻِي،
ٿَڪِيءَ کي ٿَرَنِ ۾، پَهچائي پاڻِي،
جا وِندُرِ وِڪاڻِي، تَنھِن جو موٽَڻُ ڪو مَسَ ٿِئي.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 25 ]
چُونڊي رَکِيُمِ چِتَ ۾، ساڄَنُ سُڃاڻِي،
ٿَڪِيءَ کي ٿَرَنِ ۾، پَهچائي پاڻِي،
جا وِندُرِ وِڪاڻِي، تَنھِن جو موٽَڻُ ڪو مَسَ ٿِئي.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 25 ]
وارو مُون وَڻاھُ، ڪا سُڌِ سُونھَپَ جِي نَہ ڏِئو،
اِيءَ اِھائِي ڳالِهڙِي، شَجَرَ سُڻيجاھُ،
چوٽِيين چاڙھيجاھُ، تَہ مُوڙھِيءَ ڪو مُنھُن ٿِئي.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 8 ]
اِيءَ اِھائِي ڳالِهڙِي، شَجَرَ سُڻيجاھُ،
چوٽِيين چاڙھيجاھُ، تَہ مُوڙھِيءَ ڪو مُنھُن ٿِئي.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 8 ]
ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، ھَلِج ساڻُ ھِنيَين،
عِشقُ آرِيءَ ڄامَ جو، نِباھي نِيين،
جان سِينءَ ٿِي جِيين، تَہ پاڙِجِ ڪو مَ پُنُوھَ سين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 14 ]
عِشقُ آرِيءَ ڄامَ جو، نِباھي نِيين،
جان سِينءَ ٿِي جِيين، تَہ پاڙِجِ ڪو مَ پُنُوھَ سين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 14 ]
ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، سِرِجِ ساھِ پَساھَ،
ھوتُ گَڏُبِئِي حَبِ ۾، رَھبَرُ مَٿي راھَ،
جانۡ جانۡ ساڻُئِي ساھُ، تَہ پاڙِجِ ڪو مَ پُنُوھَ سين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 15 ]
ھوتُ گَڏُبِئِي حَبِ ۾، رَھبَرُ مَٿي راھَ،
جانۡ جانۡ ساڻُئِي ساھُ، تَہ پاڙِجِ ڪو مَ پُنُوھَ سين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 15 ]
English Meaning
Any, some. Not any, not one.