ڪانھَنۡ جي سنڌي معنيٰ
ٻُوڙو يا ٻُوڙا. ھڪ طرح جو جهنگلي گاھ. سرن جي ٻُوڙي کان ننڍو ٻُوڙو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Kind of a plant, saccharum spontaneum. Kans grass.
ڪانھَنۡ جا بيتن ۾ حوالا
ويٺِي روءِ وَڇُنِ سان، ڳچِيءَ پايو ٻانھَن،
لايان لالَ لِڱَنِ کي، اَئِين جي چَرو ڪانھَنۡ،
آئُون اَوِھان جِي دانھَن، سَدا ڀُڻان سَنِرِي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 16 ]
لايان لالَ لِڱَنِ کي، اَئِين جي چَرو ڪانھَنۡ،
آئُون اَوِھان جِي دانھَن، سَدا ڀُڻان سَنِرِي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 16 ]
ڪَنڌِيءَ جَهلِيو ڪانھَنۡ، عاشِقُ آھُون ڪَري،
تو ڪِيئَن ٻوڙِي سُهڻِي، ٻيلِي مُنھِنجِي ٻانھَنۡ؟
دَرياھَ تو تي دانھَن، ڏِيندُسِ ڏِينھَن قِيامَ جي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 24 ]
تو ڪِيئَن ٻوڙِي سُهڻِي، ٻيلِي مُنھِنجِي ٻانھَنۡ؟
دَرياھَ تو تي دانھَن، ڏِيندُسِ ڏِينھَن قِيامَ جي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 24 ]
جَا ڪَچِي ڪانِي ڪانھَنۡ، سا ٻُڏَ ڪَڍي ٻارِ مان،
يا لنگهائي لَطِيفُ چئَي، يا ڌُرِئا ڪَري دانھَن،
ڪَماحَقَّہٗ ڪَکَنِ جِي، آھي ڳالِهہ اَڳانھَن،
جيڪي ڏي ٻُڏَنِ ٻانھَن، نَہ تَہ ساڻَنِ وَڃي سِيرَ ۾.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 2 ]
يا لنگهائي لَطِيفُ چئَي، يا ڌُرِئا ڪَري دانھَن،
ڪَماحَقَّہٗ ڪَکَنِ جِي، آھي ڳالِهہ اَڳانھَن،
جيڪي ڏي ٻُڏَنِ ٻانھَن، نَہ تَہ ساڻَنِ وَڃي سِيرَ ۾.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 2 ]
جانۡ ڪي ڪَنڌِيءَ ڪانھَنۡ، تانۡ تاڻي ٻڌِجِ تُرَھو،
ھَٿُ پِريان جي ھَٿَ ۾، ٻي کي ڏِجِ مَ ٻانھَن،
سَندِي ڪَپَرَ دانھَن، ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 3 ]
ھَٿُ پِريان جي ھَٿَ ۾، ٻي کي ڏِجِ مَ ٻانھَن،
سَندِي ڪَپَرَ دانھَن، ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 3 ]
نَہ ڪانِيءَ نَہ ڪانھَنۡ، نَڪو ڏوھُ قَلَمَ جو،
اَنگُ اُتي ئِي لِکِئو، جِتِ نَہ رَسي ٻانھَن،
ڪَنھِن کي ڏِيان دانھَن، جِيئَن قَضا قَلَمُ وَھايو.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 20 ]
اَنگُ اُتي ئِي لِکِئو، جِتِ نَہ رَسي ٻانھَن،
ڪَنھِن کي ڏِيان دانھَن، جِيئَن قَضا قَلَمُ وَھايو.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 20 ]
جِيئَن سا ڪانِي ڪانھَنۡ، لَهسَندي لاتِيُون ڪَري،
اَچِي اُڀَرِي اوچِتِي، دَردَ پِريان جي دانھَن،
ويڄَ ڏَنڀِين ٿو ٻانھَن، سُورُ ھِنيَين کي سامُهُون.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 26 ]
اَچِي اُڀَرِي اوچِتِي، دَردَ پِريان جي دانھَن،
ويڄَ ڏَنڀِين ٿو ٻانھَن، سُورُ ھِنيَين کي سامُهُون.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 26 ]
English Meaning
Kind of a plant, saccharum spontaneum. Kans grass.