ڪانگَ جي سنڌي معنيٰ
ڪانءُ، ڪاري پکيءَ جو قسم، ڪانگڙو، کيانتو، زاغُ، ڪانگل، ڪانگو، لِڪو، ڪاڳڙو.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
A crow. The hair of the back part of head above the kiari.
ڪانگَ جا بيتن ۾ حوالا
وَڻَنِ ويٺا ڪانگَ، وِچِين ٿِي ويلا ڪَري ،
گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، سُڻِي سانجِهيءَ ٻانگَ،
سيئِي ڍُونڍي سانگَ، جِتي ساھَڙُ سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 19 ]

شَمعَ ٻارِيندي شَبَ، پِرھَ باکُون کوڙِيُون،
موٽُ مَران ٿِي مَينڌَرا، راڻا ڪارَڻِ رَبَ،
تُنھِنجِيءَ تاتِ طَلَبَ، ڪانگَ اُڏايَمِ ڪاڪِ جا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 1 ]

تان ڪِي لَئِجِ ڪانگَ، ڪَڏِھِين اِيندا مان ڳَري،
سيڻين ڪارَڻِ سانگَ، مُون تان گَهڻائِي ڪِئا.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 9 ]

اَچَنِ اُھيئِي، جَنِ لاءِ ڪانگَ اُڏايان،
ٻيڙِياتا ٻيڙِيُنِ ۾، پِئا ڀُڻَنِ سَڀَيئِي،
سامُونڊِي سيئِي، جَنِ واھَڻَ کَٿُورِيءَ واسِئا.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 10 ]

پَلَڪُ نَہ رَھي دِلِ تو ري، وَرُ مِيان صاحِبَ خانَ بلوچا،
اُٺَ چارِيندِيَسِ اُنِ جا، مَٿان سي ٽَڪَرَ ٽوري،
ڏُکَ لاھِيندِيَسِ ڏِيلَ جا، ساڻُ عَجِيبَنِ اوري،
ڪانگَ کِيندَمِ ڪيچَ جا، ماسُ چُنجُنِ سان چوري،
ڏِيندِيَسِ ماھُ مِرُنِ کي، مَٿان ڪُلَهنِ ڪوري،
آرِياڻِي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سارَ لَھَندُمِ سوري.
[ سُر آبڙي، وايون، 15 ]

وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، ڏِئو پَٽولي لانگَ،
سَسُئِي مورَ ٻَچَنِ جِيئَن، ٽارِيءَ ٽارِيءَ ڇانگَ،
ڪانڌِي ٿِيندَسِ ڪانگَ، ھُو جي روڏَ رِڃُنِ جا.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 16 ]

ڪارا ڏِٺَمِ ڪانگَ، لَمَندا لَڪَنِ ۾،
چانڪِ پَکا پُنهونءَ ڄامَ جا، تان وَتَنِ ٿا ويڙانگَ،
نَہ ڪا وَسِي وِچَ ۾، نَہ آنگَ نَہ چانگَ،
سُپيرِيان جي سانگَ، مادَرِ مارِي آھِيان.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 13 ]

لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، اَمَڙِ جَهلِ مَ مُون،
روئِي رَڱِندِيَسِ رَتَ سين، ڪيچان اوري ڀُون،
مادَرِ مَٿان مُون، ڪانگَ لَوَندا ڪيچَ جا.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 24 ]

گهوڙا گهَڻِيءَ ڀُون، ووءِ ووءِ وَڃَنِ نِڱِئا،
مادَرِ مَٿان مُون، ڪانگَ لَوَندا ڪَڏِھِين.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 5 ]

جانۡ تُون وَڃين ڪيچِ ڪَھِي اي اَدا،
ڏِجِ پارانڀو پِرِينءَ کي،
مُون مُٺِيءَ مَٿان ڪيتِرا، وِئَڙا ڪانگَ لَنِئي،
آئُون ڦوڙائِي مارِي، مُنھِنجا واقُفَ وِئَڙا وَھِي،
ھيڏي شَھَرَ ڀَنڀورَ ۾، سارِئان ڪونَہ صَحِي،
ڏُکُ مُنھِنجي ڏِيلَ ۾، سَگهان تان نَہ سَھِي.
[ سُر حسيني، وايون، 10 ]