ڪالَهہ جي سنڌي معنيٰ
ڪالهہ گذريل ڏينھن، اڄ کان اڳيون ڏينھن، ڪلهوڪو ڏينھن، ڪَلهہ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Yesterday, day before, fore day, tomorrow.
ڪالَهہ جا بيتن ۾ حوالا
پِرھَ پَکِي آيو، ڪَربَلا مان ڪالَهہ،
آيو آلودو رَتَ ۾، ھئَي ھئَي مَنجهان حالَ،
گهوٽَ وَناھِيا ڪالَهہ، ٻيلِي مِيرَ حُسينَ جا.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 16 ]
آيو آلودو رَتَ ۾، ھئَي ھئَي مَنجهان حالَ،
گهوٽَ وَناھِيا ڪالَهہ، ٻيلِي مِيرَ حُسينَ جا.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 16 ]
جَي تُون ڪالَهہ مُئِي، تَہ ڪالَهہ ئِي گَڏِي پِرِينءَ کي،
ڪَڏِھِين ڪانَہ سُئِي، تَہ ڪا سَگهِي گَڏِي سَڄَڻين.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 3 ]
ڪَڏِھِين ڪانَہ سُئِي، تَہ ڪا سَگهِي گَڏِي سَڄَڻين.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 3 ]
ويئِي ڪالَهہ ھَٿان، سا ڪالَهہ نَہ اَچي ڪَڏِھِين،
ڪالُهوڻِيءَ ڪالَها، وِڌو وِچُ وَرِھيَنِ کي.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 18 ]
ڪالُهوڻِيءَ ڪالَها، وِڌو وِچُ وَرِھيَنِ کي.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 18 ]
پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون، پاڻِهين ڌَڪَ ڌُئَن،
ويڄَنِ وِرِچِي ڇَڏِئا، اَڄُ ڪِي ڪالَهہ مَرَنِ،
ڪَنھِن کي ڪِينَ چَوَنِ، تَہ دَردُ اَسان جي دِلِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 14 ]
ويڄَنِ وِرِچِي ڇَڏِئا، اَڄُ ڪِي ڪالَهہ مَرَنِ،
ڪَنھِن کي ڪِينَ چَوَنِ، تَہ دَردُ اَسان جي دِلِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 14 ]
اَڃا تَنُوران، ڪالَهہ ڪَڍِياسُون سَڄَڻين،
پُڻ تايائُون تَڪِڙا وَحدَتَ جي وَڍِئا،
مَحَبَتِيَنِ مَٿان، مَچُ مُورائِين نَہ لَھي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 11 ]
پُڻ تايائُون تَڪِڙا وَحدَتَ جي وَڍِئا،
مَحَبَتِيَنِ مَٿان، مَچُ مُورائِين نَہ لَھي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 11 ]
اَڄُ نَہ اڳِيئَن ڍارَ، ڪَرَھو جِيئَن ڪالَهہ ھو،
اَڱَڻِ آيو نَہ ڪَري پاھوڙي پَچارَ،
جيڪُسِ مَنجِهہ قَطارَ، ڪا وَلِ چِنائِين وِھَ جي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 41 ]
اَڱَڻِ آيو نَہ ڪَري پاھوڙي پَچارَ،
جيڪُسِ مَنجِهہ قَطارَ، ڪا وَلِ چِنائِين وِھَ جي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 41 ]
کُوھا ڪالَهہ کَڻِي، اُنِ وِڌا اُتَرَ آسِري،
اللهَ! جُهري مَ اُنِ جي، اولي جِي اَڻي،
وَڻِجارَنِ وَڻِي، وَکَرُ وِڌو ٻيڙِئين.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 1 ]
اللهَ! جُهري مَ اُنِ جي، اولي جِي اَڻي،
وَڻِجارَنِ وَڻِي، وَکَرُ وِڌو ٻيڙِئين.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 1 ]
وَڃيئِي وِسَرِي شالَ، جو تُون سودو سِکِئو،
اَڃا آئِيين ڪالَهہ، پُڻۡ ٿو سَفَرِ سَنبَھين.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 4 ]
اَڃا آئِيين ڪالَهہ، پُڻۡ ٿو سَفَرِ سَنبَھين.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 4 ]
وِئا اَٿَمِ ھوتَ ھَڻِي، آئُون تَنھِن جَڙَ جَڏِي ڪِي،
سامُونڊِيءَ جي سَڱَ جي، ھِنيَين حُبَ گهَڻِي،
سِڙُه ڏيئِي سِيرَ ٿِئا، ڇِنِي تَندُ تَڻِي،
لائِيندِيَيسِ لِڱَنِ کي، سَندِي پِرِينءَ پڻيِ،
وِڌائُون اُتَرَ آسِري، کُوھا ڪالَهہ کَڻِي،
اللهَ ڀَڃُ مَ اُنِ جي، اولي جِي اَڻِي،
وَکَرُ چاڙِھِيو ٻيڙِيين، وَڻِجارَنِ وَڻِي،
اُنِ سين عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ميڙِيندُمِ ڌَڻي.
[ سُر سامونڊي، وايون، 11 ]

جَنِي جهيڙئو ڪالَهہ، عَلِيءَ جي اولادَ سين،
ھاءِ تَنِي جي حالَ، جي جَماعِتِي يَزِيدَ جا.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 2 ]
ھاءِ تَنِي جي حالَ، جي جَماعِتِي يَزِيدَ جا.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 2 ]
English Meaning
Yesterday, day before, fore day, tomorrow.