ڪاغَذُ جي سنڌي معنيٰ
ڪاڳر، ورق، پَنو. قرطاسُ، پَتر، پرچو. چِٺِي، پُرزو، خط پٽ. لکت، تحرير، نامو. قبض، دستاويز. کَنڌو، ليکو، حساب. هُنڊي، نوٽ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Paper, page, wrapper.
ڪاغَذُ جا بيتن ۾ حوالا
ڪوھُ ٿو ڪاغَذُ ڪورِيين، ويٺو وِڃائِين مَسُ،
ڏوري تِئان ڏِسُ، اَکَرُ جِئان، آيو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 19 ]
ڏوري تِئان ڏِسُ، اَکَرُ جِئان، آيو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 19 ]
اللهَ اوٺِي آڻِيين، جٖي نِياپا نِينِ،
آئُون اُنِهين جِي آھِيان، توڙي مُون نَہ مَڃِينِ،
مَسُ مُنھِنجي ھَٿَ ۾، ڪاغَذُ ڪي آڻينِ،
لُڙِڪَ نَہ لِکَڻُ ڏِينِ، ڪِرِئو پُونِ قَلَمَ تي.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 11 ]
آئُون اُنِهين جِي آھِيان، توڙي مُون نَہ مَڃِينِ،
مَسُ مُنھِنجي ھَٿَ ۾، ڪاغَذُ ڪي آڻينِ،
لُڙِڪَ نَہ لِکَڻُ ڏِينِ، ڪِرِئو پُونِ قَلَمَ تي.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 11 ]
ڪاغَذُ لِکان ڪِيئَن، جِيئَن ھَڻِئو اَمُرُ اَڌَ ڪَري،
واڳِيُون جي وِصالَ سين، تَنِ چاڙِھي چِيئَن،
رُئان راتو ڏِينھَن، اُنِ جي وائِيءَ ۾ وَرَ گَهڻا.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 12 ]
واڳِيُون جي وِصالَ سين، تَنِ چاڙِھي چِيئَن،
رُئان راتو ڏِينھَن، اُنِ جي وائِيءَ ۾ وَرَ گَهڻا.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 12 ]
English Meaning
Paper, page, wrapper.