کاھوڙِي جي سنڌي معنيٰ
جهنگل ۾ ڏٿ ڳوليندڙ . ڪوڏر ۽ کھي وارا ڏٿ ڏوريندڙ سخت جان پورهيت، ڏٿ تي گذران ڪندڙ، ڏٿ ڏوريندڙ، محنت، اورچ اصطلاح وڏا عابد زاهد.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Finder, one who performs incantations over a snakebite, researcher, traveller, roamer, hard workers.
کاھوڙِي جا بيتن ۾ حوالا
مُون کاھوڙِي لَکِئا، ويھِي نَہ ويرَمَ ڪَنِ،
ڏِينھَن تَتي ۾ ڏُونگَرين، ڪارَڻِ قُوَتَ ڪَھَنِ،
جَهنگَلَ ۾ جُهڻِڪَنِ، جُھ ڏوٿِي ڏُٿُ گَڏُ ٿِئا.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 23 ]
ڏِينھَن تَتي ۾ ڏُونگَرين، ڪارَڻِ قُوَتَ ڪَھَنِ،
جَهنگَلَ ۾ جُهڻِڪَنِ، جُھ ڏوٿِي ڏُٿُ گَڏُ ٿِئا.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 23 ]
تُون ھَڏِ ڪُڄاڙِئا، سَنجهي سَعيو نَہ ڪَرِيين،
سَوارا سَنڊَ کَڻِي، کاھوڙِي وِئا،
آڻِيندين ڪِئان، ڏُٿُ ڏوراھين ڏيھَ جو.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 6 ]
سَوارا سَنڊَ کَڻِي، کاھوڙِي وِئا،
آڻِيندين ڪِئان، ڏُٿُ ڏوراھين ڏيھَ جو.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 6 ]
ڏوٿِي سا ڏورِينِ، جا جُوءِ سُئِي نَہ ٻُڌِي،
پاسا مَٿي پاھَڻين، کاھوڙِي کوڙِينِ،
وِئا تِتِ ووڙِينِ، جِتِ نِھايَتَ ناھِ ڪا.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 9 ]
پاسا مَٿي پاھَڻين، کاھوڙِي کوڙِينِ،
وِئا تِتِ ووڙِينِ، جِتِ نِھايَتَ ناھِ ڪا.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 9 ]
وِئا وِھائُو، ڏوٿِي ڏورا ڏُٿَ جا،
پَٻَ جا پُڇائُو، مُئا کاھوڙِي ماٺِ ٿِي.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 16 ]
پَٻَ جا پُڇائُو، مُئا کاھوڙِي ماٺِ ٿِي.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 16 ]
ڪِ ڪي کاھوڙِي، ڇَپَرَ ۾ سَڏُ ٿِئو،
اَڳي ٿِي سُئِي، اُنِهين سَندِي ڳالِهڙِي.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 20 ]
اَڳي ٿِي سُئِي، اُنِهين سَندِي ڳالِهڙِي.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 20 ]
ڏوري ڏوري ڏيھَ، ماءَ کاھوڙِي آيا،
مَيَنِ پيرين کيھَ، نَہ ڄاڻان ڪَنھِن نارَ جِي.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 21 ]
مَيَنِ پيرين کيھَ، نَہ ڄاڻان ڪَنھِن نارَ جِي.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 21 ]
مُون کاھوڙِي لَکِئا، گهَرين نَہ گهارِينِ،
واحِدَ لَڳِ وِلُهنِ ۾، رويو جَرُ ھارِينِ،
گُوندَرُ گُذارِينِ، جُھ ڏوٿِي ڏُٿُ گَڏُ ٿِئا.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 22 ]
واحِدَ لَڳِ وِلُهنِ ۾، رويو جَرُ ھارِينِ،
گُوندَرُ گُذارِينِ، جُھ ڏوٿِي ڏُٿُ گَڏُ ٿِئا.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 22 ]
ڪِھَڙو اَٿِئِي ڪامُ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ ۾،
پَسِي تَنھِن پاھَڻَ کي، اَچي نَہ آرامُ،
مَتان ڏُونگَرُ ڏورِيين، اُجهين ڪُھ عَوامُ،
حَرا ڪَرِ حَرامُ، کاءُ تَہ کاھوڙِي ٿِيين.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 11 ]
پَسِي تَنھِن پاھَڻَ کي، اَچي نَہ آرامُ،
مَتان ڏُونگَرُ ڏورِيين، اُجهين ڪُھ عَوامُ،
حَرا ڪَرِ حَرامُ، کاءُ تَہ کاھوڙِي ٿِيين.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 11 ]
کاھوڙِي کَرا، سُوڌِي خَبَرَ پَکَڻين،
سوجهي جَنِ ڪِئا، مَٿي اَنگهُنِ آھيرا.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 19 ]
سوجهي جَنِ ڪِئا، مَٿي اَنگهُنِ آھيرا.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 19 ]
ويراڳِي وارَنِ کي، ڇَوِيھِينءَ ڇوڙِينِ،
لايو خاڪِ لِڱَنِ کي، جَٽائُون جوڙِينِ،
سِڱِيُون نِيو سُڃَ ۾، کاھوڙِي کوڙِينِ،
ويتَرِ ٿا ووڙِينِ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 26 ]