ڦاھِي جي سنڌي معنيٰ
ڦاسِي، ڦاهو. سرڪڻي، ڦندو، ڦاندو. سولي، سوري. ڳاري، سرڪڻ ڦاهي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A noose, snare, spring, a loop for a button, a button-hole.
ڦاھِي جا بيتن ۾ حوالا
نيڻين نَظَرَ نِينھَن، جَڙَ جِتي جوڙِجَنِ،
ساھُ اُنِين تان صَدقي، اَندَرُ سين عُضوَنِ،
لاھي تَنِ لَطِيفُ چئَي، اَنگَ پُڻ آڇِجَنِ،
قَلبُ قُربانِي ڪَرِيان، مَٿان دِلِ دوسِتَنِ،
ھِنيَين ۽ اَکِيُنِ، ڦاھِي کاڌِي پِرِينءَ لَيءِ.
[ سُر آسا، مجازي مام، 15 ]

ڪِھَڙو ٿِئو سُنَّتَ جو، طالِبَ مَٿي تاءُ،
پَرڻو ڦاھِي جِندَڙي، مَنجِهہ مُنجهائي ساھُ،
گهُري جو اللهُ، سو ھِنيُون ھورَنِ گَڏِئو.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 10 ]

وَڳَرَ ۾ وائِي، ڪالَهہ، تُنھِنجِي ڪُونجَڙيِ،
سَرَ ۾ سارِينَئِي گهَڻو، ڀينَرُ ۽ ڀائِي،
پَسِين نَہ ڦاھِي، جَا مارِيءَ سَندي مَنَ ۾.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 5 ]