ڏِنا جي سنڌي معنيٰ
ڏنل، ڏيئي ڇڏيا. عطا ڪيا، حوالي ڪيا. (ڏيڻ مصدر مان)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Have given, granted, donated, gave possession.
ڏِنا جا بيتن ۾ حوالا
موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، وَرِي ڪِئائِين وارَ،
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، چوڏِسِ ۽ چوڌارَ،
ڪي اُٺِيُون وَڃِي اِستَنبولَ ۾، ڪَن مَڻِئو مَغرَبَ پارَ،
ڪي چَمڪَنِ چِينَ تي، ڪي لَھَنِ سَمَرقَندِيَنِ سارَ،
ڪي رَمِي وييُون رُومَ تي، ڪي ڪابُلُ ڪي قَنڌارَ،
ڪي دِلِي ۽ دَکَنِ، ڪي گُڙَنِ مَٿي گِرنارَ،
ڪَنِي جُنبِي جيسَلمِيرَ تان، ڏِنا بيڪانِير بُڪارَ،
ڪَن اَچِي عُمَرَڪوٽَ جا، وَسايا وَلَھارَ،
ڪِنِ ڀُڄُ ڀِڄائِيو، ڪَنِ ڍَٽَ تي ڍارَ،
ڪي لَڙِيُون لاھورَ تي، ڪي ھَلَنِ مَٿي ھالارَ،
ڪي پُرِيُون پَنجابَ ڏي، ڪِنِ چِڪِلَ تي چَمڪارَ،
سائِينمِ! سَدائِين ڪَرِين، سِنڌُڙيءَ ۾ سُڪارَ،
دوسِتَ تُون دِلِدارَ، عالَمُ سَڀُ آبادُ ڪَرِيين.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 1 ]

اِبرَ دانائي جٖي، مُون کي ڏِنا سَڄَڻين،
ھارِئا تَنِي تي، ويڄَ وِڃاءِ مَ ڊَڀَڙا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 11 ]
ھارِئا تَنِي تي، ويڄَ وِڃاءِ مَ ڊَڀَڙا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 11 ]
سِڪَ تُنھِنجِي سُپِرِين، اَندَرِ ٿِي اَجَهلَ،
ٻَڙَڪِئو ٻاھَرِ نِڪِري، کُوري کانئِي کَلَ،
ري سِيراھِيءَ سَلَ، مُون کي ڏِنا سَڄَڻين.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 7 ]

ڏِنا جِيئَڻَ لاءِ جيڏِيُون، ڏيرَنِ مُون کي ڏُکَ،
ڀَڳِيَسِ جان ڀَنڀورَ کان، سُورَ مِڙيئِي سُکَ،
لَٿِي مُون تان لُکَ، پُنهون ٿِيَسِ پاڻِهين.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 3 ]

سَنڌِيُون سُورَ ڪَرِينِ، ھَڏُ پُڻ ڏُکي ھوتَ کي،
پِرِيَنِ جِي پاڻَ ڏِنا، سي سُتي سُکُ نَہ ڏِينِ،
جٖي ماڻُهنِ کي مارِينِ، آئُون تَنِ سُورَنِ کي سَڏَ ڪَرِيان.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 2 ]

ھاڙِھي ويندا ھوتَ مُئِيءَ جا، آيَلِ جِيجَلِ آن ڪي ڏِنا،
بَرَ ۾ بِرَھمَڻِ کي، ڇَپَرِ تان نَہ ڇَڏِيندا،
موٽِي ھِنَ مَعذُورِ تي، واڳُون وارِيندا.
[ سُر حسيني، وايون، 20 ]

راجا راتِ راضِي ٿِئو، تَنھِن ڏِنا وَڏا ڏانَ،
تَڏِھِين موٽِي ڪارِئا مَڱڻي، طَرَحَ تُنبي کي تانَ،
تَہ ڪارَڻِ رَبَ رَحمانَ، سِرُ وَڍي سُلطانَ ڏي.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 20 ]

ڪاڪِ نَہ جَهلِئا ڪاپَڙِي، موھِئا ڪَنھِن نَہ مالَ،
سوڍِيُون سِجهائي ھَلِئا، ھَئَي تَنِي جي حالَ،
جٖي ڇورِنِ ڏِنا ڇالَ، تَہ لاھُوتِي لَنگِهي وِئا.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 16 ]

مَڙِهيَنُون موڪَلَ، ڪالَهہ ڪَندا وِئا ڪاپَڙِي،
بابُو ڪَنِ نَہ بِکِئا ، اِيءَ ويراڳِيَنِ وَلَ،
ڪَڏِھِين اُتَرَ سامُھان، ڪَڏِھِين دُونھِيَنِ جَهلَ،
ھُنِ سيڪِيندي ھَٿَڙا، مُون ڳاڙِيندي ڳَلَ،
چِيري چَندَنَ ڪاٺَ جِيئَن، سُورَ ڏِنائُون سَلَ،
مُون کي ڏِنا سَڄَڻين، ريءَ سِيراھِيءَ سَلَ،
ڄَرَ ڄَراٽِيُنِ جِندَڙو، کُوري کانيَنِ کَلَ،
ڪَڏِھِين پيرَ پِيادا، ڪَڏِھِين مَٿي ڀَلَ،
مولِهِيا ماڪَ پُسايا، سِيءَ سُڪايَنِ کَلَ.
[ سُر رامڪلي، وايون، 13 ]

توھان ٽُٽي ڌارَ، ڪَنھِن ھَزارين ھارَ ڏِنا،
توءِ تُنھِنجو نَہ ڏِيان، وِيھُون واٽُو وارَ،
ھارِي مَٿي ھارَ، دوسُ مَٽايُئِي داسَڙو.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 25 ]