ڏِنائُون جي سنڌي معنيٰ
ڏئي ڇڏيائُون، حوالي ڪيائُون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
They given, they handed over.
ڏِنائُون جا بيتن ۾ حوالا
جِئان ڏِنائُون پيرَ، جِئان ڏِنائُون پيرَ،
مَٿي اَڱَڻَ آئِيا، سُونھَڻَ لَڳا سيرَ،
جِئائِين نَبي نِڱِئو، ڀَري مُبارڪَ پيرَ،
ساري شفِيعَ ڄامَ کي، ھِينئَڙي لَڳِي ھيرَ،
ڀَڳا ڪوٽَ ڪُفارَ جا، اَچِي عَلِيءَ شيرَ،
لَٿا ڏُکَ سُکَ ٿِئا، ٿِي واڌائِيءَ ويرَ.
[ سُر بلاول، وايون، 2 ]

مَنجهان مَچَ مَچُ ٿِئا، چَڙِهئو چَڪاسِينِ چاھَ،
اِيءَ پَرِ آڳَڙِيَنِ جِي، ٻِي ڇَڏِيائُون واھَ،
سيڻَنِ جِي صَلاحَ، سِرَ ڏِنائُون سَٽِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 24 ]

جيڪِي ڏِنائُون، سو سِرُ ڏيئِي سَھُ جِندَڙا،
مَ چَئُہ ڇِنائُون، اِيءُ پُڻ ڳَنڍئو سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 9 ]

اِيءَ گَتِ غَواصَنِ، سَمُنڊُ سوجِهَيائون،
پيھِي مَنجِهہ پاتارَ ۾، ماڻِڪَ ميڙِيائُون،
آڻي ڏِنائُون، ھِيرو لالُ ھَٿَنِ سين.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 13 ]

چاھَڪِ چِنائُون، مينھِيُون مَتارِيُون ٿِيُون،
ڪَڪورِيَلَ ڪُنَ جو، پاڻِي پيتائُون،
ڏُڌُ سو ڏِنائُون، جَنھِن مان عالَمُ آسودو ٿِيو.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 33 ]

مِيرَ مَدِينِئان نِڪرِي، ديرا ڏِنائُون،
ڪاٺِيءَ پاڻِيءَ، گاھَ کي، ماڻُهو مُڪائُون،
چَڙَھَندي چَيائُون، ٿِيندِي ويڙِه وَڏاندَرِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 6 ]

جَڏائِيءَ جو جامُ، ڏِنائُون ڏُکِيءَ کي،
مَنگَلُ مُنھِنجي مَنَ ۾، ٻارِئو ھوتَ حُمامُ،
اَرَڳِ ٿِئو آرامُ، ڪاڪُلُ پَسِي ڪانڌَ جو.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 1 ]

جَي ھُوندَ ڏِٺائُون وو جيڏِيُون، حالُ مُنھِنجو ھِھَڙو جِھَڙو،
سو جي سومِ ڪَنَنِ سين، پَھُ جو ڪِئائُون،
ٻانھُون ٻيلَ نَہ لاھِيان، پُنَهلِ کي آئُون،
چَڙِهي نَہ سَگهان چوٽِيين، مارَڳُ مَٿاھُون،
ھُو جي پَھَڻَ پَٻَ جا، مَڻِيا مُڪائُون،
مُون مُٺِيءَ تي مَنڊئا گُوندَرَ گِلائُون،
ھِينئَڙو ڏَندَڻَ پاڙَ جِيئَن، ڇِڪِيءَ ڇِنائُون،
ھِينئَڙو ڌاڙُھُونءَ گُلَ جِيئَن، ريھي رَتائُون،
ڏُکِيءَ سَندي ڏيجَ ۾، ڏُونگَرَ ڏِنائُون،
ھُونِ سَلامَتَ سُپِرِين، تان گهورِي مَرُ آئُون،
ويندي ڪِيُون وَڻَنِ سين، سَسُئِيءَ سُکائُون،
پُنهون وَٺِي پاڻَ سين، موٽِيَسِ جي آئُون،
ڏِيندِيَسِ شاخَ سَڀَ ڪَنھِن، وَڻِ وَڻِ واچائُون.
[ سُر حسيني، وايون، 1 ]

ڀَرِ ڀَنجُهوءِ ويھِي، ڪِھَڙِي ڪَندين ڳالِهڙِي،
ڍَڪي ھَلَندَءِ ڌُوڙِ ۾، ڪَنڌِ ڪَلَرُ ڏيئِي،
ڄاڃِي ماڃِي موٽِئا، وَرُ وَنِيءَ ڏيئِي،
خَبَرَ نَہ پيئِي، تَہ ڏيجُ ڏِنائُون ڪيتِرو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 18 ]

مُونا طُورُ سِيناءَ، سَندا سَناسِيَنِ،
طالِبُ المولىٰ مُذَڪِرُ، اِيءُ ڪَلامُ ڪِئائُون ڪَنِ،
سُکَنِ کي سَڀَين پَرِيين، ٻُجهِي ڏِنائُون ٻَنِ،
اَلِفَ آدِيسِيَنِ، چوري رَکِئو چِتَ ۾.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 2 ]