ڏَڍُ جي سنڌي معنيٰ
آسرو، آڌار، تَڪيو، دِلاسو، دِلجاءِ، ڀَروَسو، ڀَرجَهلو، سَھارو، جَهلو، ٽيڪَ، ٿنڀو، ٿوڻي، پُستي، ڀَرَ، تُلَ، تارِي، دَم، مَدد، اميد، توڪل، سَھائِتا، ھمراھي، حِمايتَ، پُٺِ، پُٺِڀَرائي، واهَرَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Hope, sympathy, empathy, help, assitance, taking care, caring
ڏَڍُ جا بيتن ۾ حوالا
ڪو جَو وَڍِيءَ وَڍُ، جِيئَن وِڙَ وَڍِيائِين وَڍَ سين،
ڏُکُ ڏُکِيءَ کي ڏَڍُ، جَنِ ڏِنِي سي ڏُکِئا ٿِئا.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 17 ]
ڏُکُ ڏُکِيءَ کي ڏَڍُ، جَنِ ڏِنِي سي ڏُکِئا ٿِئا.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 17 ]
ڇا کي ٿا ڪَرَھَ قَطارِئو، واڳَ وَٺِي وَرُ وارِئو،
مُون نِماڻِيءَ تان ڪِينَ چَئو،
سائِينءَ ڪارَڻِ سُپِرِين، دوسِتَ دَرسَنُ ڪارِئو،
رَھو راتِ ڀَنڀورَ ۾، تا ڪا گهَڙِي ھِتِ گهارِئو،
سِڪِي جَنھِن سَڱُ ڪِئو، تَنھِن مَعذُورِ کي اَئِين مَ چارَئو،
موڙي مَڃَرَ ڏارِيُون، چانگَنِ کي اَئِين چارِئو،
جانِبَ مُنھِنجي جِيءَ جو، آڳاندِو ڏَڍُ آھِيو،
آرِياڻِي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، لَڪِيُون لَڪَ لنگهايو.
[ سُر ديسي، وايون، 4 ]

اَڃا پَنڌُ اَڳي ٿِئو، مُڙِئو سِڄُ مَٿان،
ڏَڍُ مُنھِنجي ڏِيلَ جو، وِئو ھوتُ ھَٿان،
ٻَڌِي ٻاروچو وِئو، جَمَعُ جانِ جَتا،
ڪارَڻِ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ، ڪِيَمِ ڪانَہ ڪَٿا،
مُون کي نِينِ نَٿا، پِرِين مُلِڪِ پانھِنجي.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 25 ]