ڏورِيان جي سنڌي معنيٰ
ڳوليان، ڳولا ڪريان، ڍونڍيان، ووڙيان، ولاڙيان، سُوجهيان، هٿ ڪريان، پٺيان پوان. ڳولهيان، ڦولهيان، پڇان، جهاڳيان، رُلان، رمَان، ڀٽڪان، گهمان، ڀڻڻان، ڀَنوڻان، لُٽِڪان، ڀرمان. ڪنھن بہ شئي جي ڳولا ۾ رلان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Finding, roaming, searching, travelling, watching.
ڏورِيان جا بيتن ۾ حوالا
ڏورِيان ڏورِيان مَ لَھان، شالَ مَ مِلان ھوتَ،
مَنَ اَندَرِ جا لوچَ، مَڇُڻ سا ماٺِي ٿِئي.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 1 ]
مَنَ اَندَرِ جا لوچَ، مَڇُڻ سا ماٺِي ٿِئي.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 1 ]
ڏورِيان ڏورِيان مَ لَھان، ساٿِي ڪالِهُوڻا،
لاھي لاڏُوڻا، سَفَرِ ڪَنھِن سانگِ وِئا.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 2 ]
لاھي لاڏُوڻا، سَفَرِ ڪَنھِن سانگِ وِئا.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 2 ]
صُبوحَ سِڱَڙِيُون کَڻِي، وِئا وَڄائي وِيرَ،
ڏورِيان ڏورِيان نَہ لَھان، تَنِ بيراڳِيَنِ بَھِيرَ،
جَنِ جي آسَڻَ مَنجِهہ عَنبِيرَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 18 ]
ڏورِيان ڏورِيان نَہ لَھان، تَنِ بيراڳِيَنِ بَھِيرَ،
جَنِ جي آسَڻَ مَنجِهہ عَنبِيرَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 18 ]
پِرِيَنِ جي پَنڌان، مُون کي جٖي جَهلِينديُون سي نَہ پُڄَندِيُون،
ڀَلِي ڪَري آيو، ٺاٺارو ڏيھان،
ڀَڳي ڪُٽِ سَڄِي ٿِئي، لَٿِي جاکَ ڳَرا،
سَرَتِيُنِ سُورَ پِرايا، ھاڻي ھِنَ ھَنڌان،
مَتِيُون موٽَڻَ سَندِيُون، تُون ھَڏِ آڇِ مَ ماءُ،
تان ڪِي ڏُونگَرَ ڏورِيان، جان ڪُڙِه اَندَرِ ساھُ،
تان ڪِي واسُ وِھائِيان، ٻاروچي مُلا.
[ سُر سامونڊي، وايون، 1 ]

ھَلِبو وو ھَلِبو، پُنهونءَ ڪارَڻَ پَٻَ ۾،
ڀُڻِي ڏوونگَرَ ڏورِيان جِيءَ اَندَرِ جَلِبو،
پِريان سَندي پارَ جو، سُورُ تان نَہ سَلِبو،
پَکَي پُنهون ڄامَ جي، رُوحُ وَڃِي رَلِبو.
[ سُر معذوري، وايون، 11 ]
ڀُڻِي ڏوونگَرَ ڏورِيان جِيءَ اَندَرِ جَلِبو،
پِريان سَندي پارَ جو، سُورُ تان نَہ سَلِبو،
پَکَي پُنهون ڄامَ جي، رُوحُ وَڃِي رَلِبو.
[ سُر معذوري، وايون، 11 ]
جَبَلَ سُڄَنِ جالَ، آڏا آرِيچَنِ کي،
ھاڙِھي ڏُونھِن ھَٿُ کَڻِئو، ڇَپَرِ مِڙان ڇالَ،
ڪيچِي وِئَڙمِ ڪالَهہ، تي ٿِي ڏُونگَرَ ڏورِيان.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 13 ]
ھاڙِھي ڏُونھِن ھَٿُ کَڻِئو، ڇَپَرِ مِڙان ڇالَ،
ڪيچِي وِئَڙمِ ڪالَهہ، تي ٿِي ڏُونگَرَ ڏورِيان.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 13 ]
ٻيلِي ٿِئو مِرُوئا، تَہ ڏُونگَرَ ڏورِيان پِرِينءَ لاءِ،
ھَڏُ وِجَهندِيَسِ ڇَپَرين ماھُ آن جو ڳاھُ،
اَکِيُون ڇَڏيجا، جَنِ سان پَسان پِرِينءَ کي.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 21 ]
ھَڏُ وِجَهندِيَسِ ڇَپَرين ماھُ آن جو ڳاھُ،
اَکِيُون ڇَڏيجا، جَنِ سان پَسان پِرِينءَ کي.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 21 ]
واءَ وِڃايُمِ ڪالَهہ، پُٺِي جَنھِن پَنڌُ ڪَرِيان،
وَڃَڻُ مُون واٽي پِئو، ھوتَنِ ڪارَڻِ حالَ،
جَبَلَ ڏورِيان جالَ، ڪارَڻِ پيرَ پُنُوھَ جي.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 23 ]
وَڃَڻُ مُون واٽي پِئو، ھوتَنِ ڪارَڻِ حالَ،
جَبَلَ ڏورِيان جالَ، ڪارَڻِ پيرَ پُنُوھَ جي.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 23 ]
مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، ھِنَ ھَنڌِ ھوتاڻِي،
نيجِ نِماڻِي پاڻَ سين، پُنهون آرِياڻِي،
تَوِھِين لَيءَ کاڻِي ڀُڻِي ڏُونگَرَ ڏورِيان.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 4 ]
نيجِ نِماڻِي پاڻَ سين، پُنهون آرِياڻِي،
تَوِھِين لَيءَ کاڻِي ڀُڻِي ڏُونگَرَ ڏورِيان.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 4 ]
ھَلَڻُ سَھان نَہ ھوتَ جو، وَڃَڻُ آئُون گهورِيان،
ھُونِ ھَميشه ھِتَھِين، تَہ ڏُونگَرُ ڪوھُ ڏورِيان،
اَکِيُنِ سين اورِيان، پَسان شالَ پُنهونءَ کي.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 3 ]
ھُونِ ھَميشه ھِتَھِين، تَہ ڏُونگَرُ ڪوھُ ڏورِيان،
اَکِيُنِ سين اورِيان، پَسان شالَ پُنهونءَ کي.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 3 ]
English Meaning
Finding, roaming, searching, travelling, watching.