ڏاوَڻَ جي سنڌي معنيٰ
چوپائي مال کي اڳين ٽنگُنِ ۾ پيل رسو، ڏاڻ، نِيئرُ، واگهہ ٻيڙِيُون، اَشڪول، پنئنڌ. نٿ سوگهي ڪرڻ لاءِ ڪلابات جي ڪارن ڌاڳن جو ٺهيل پٽو، ڏاڻُ، ڏاڻِي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Rope for domestic animals including camels for harnessing them. Bending rope.
ڏاوَڻَ جا بيتن ۾ حوالا
سِيني سَنگهَرَ سونَ جِي، ڳِچِيءَ روپِي ڳَٽِ،
ڏاوَڻَ ڏانِئِيو نَہ رَھي وِھي نَہ وَڳَنِ وَٽِ،
اِھَڙو لِيڙو لَٽِ، جَو ڪُجوئِئان ڪَکَ چَري.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 13 ]