ڏائو جي سنڌي معنيٰ
کٻو، کاٻو، ڏاٻو. کٻي پاسي وارو، کٻو پاسو. اُبتو، ڏِنگو. کاٻي پاسي کان ٻوليندڙ تِترُ (جيڪو خراب سئوڻ ليکيو ويندو آھي.)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Left handed, left. A Perdicinae who tweet from left side which is treated as bad sign.
ڏائو جا بيتن ۾ حوالا
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ رِڻُ تَتو رائو،
تِتِرُ لَئي مَ تَنِ کي، ڏُونگَرَ ۾ ڏائو،
جَڏھِن ڄامُ پُنهون ڄائو، ٿِئو سَوَلو طالِعُ ساٿِيين.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 9 ]
تِتِرُ لَئي مَ تَنِ کي، ڏُونگَرَ ۾ ڏائو،
جَڏھِن ڄامُ پُنهون ڄائو، ٿِئو سَوَلو طالِعُ ساٿِيين.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 9 ]
ڏيرَنِ کي ڏائو، ھيرَ ھَلَندي مَ ٿِئي
مانَ وِرمَنِ وِچَ ۾، پوئينِ پارائو،
رِڃُنِ جو رائو، ڪَپي پيرَ پِيادِيين.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 9 ]
مانَ وِرمَنِ وِچَ ۾، پوئينِ پارائو،
رِڃُنِ جو رائو، ڪَپي پيرَ پِيادِيين.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 9 ]
ڏائو چَڙِهئو ڏارَ تي، زاغُ ڪَري زارِيُون،
آڻِئو آتَڻَ وِچَ ۾، ڏي سَنِيھا سارِيُون،
ماٺِ ڪَرِئو مارِيُون، تَہ ڪَھِيو سُڻِيان ڪانگَ جو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 14 ]