ڍُڪُ جي سنڌي معنيٰ
سُرڪُ، سُرڪي، سُرڪو، ڳيتَ، ڇِڪَ، پِيَڪَ، اُرڪَ. چُڪو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A sup or mouthful of any liquid.
ڍُڪُ جا بيتن ۾ حوالا
سَتِي ٿِيءُ مَ سُهڻِي، لَنڊِي ٿِي لُڏيجِ،
چَيو ڪَري چَگهَہ جو، آڌِيءَ راتِ اُٿيجِ،
ريھِين ٻارِ ٻُڏيجِ، ڍَڪَڻَ ۾ ڍُڪُ ڀَري.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 29 ]
چَيو ڪَري چَگهَہ جو، آڌِيءَ راتِ اُٿيجِ،
ريھِين ٻارِ ٻُڏيجِ، ڍَڪَڻَ ۾ ڍُڪُ ڀَري.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 29 ]
ھُتي تان نَہ ھُئا، ھِتِ وِيَٽُون ڪَنِ وَڏِيُون،
ٻُڏِي تان نَہ مُئا، ڍَڪَڻَ ۾ ڍُڪُ ڀَري.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 15 ]
ٻُڏِي تان نَہ مُئا، ڍَڪَڻَ ۾ ڍُڪُ ڀَري.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 15 ]
English Meaning
A sup or mouthful of any liquid.