ڍَڪَڻَ جي سنڌي معنيٰ
ڪنهن ٿانوَ جي بند ڪرڻ لاءِ ٿانءُ. ڍَڪُ، پوش.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Lids. Covers, shade, put on clothes, muffles.
ڍَڪَڻَ جا بيتن ۾ حوالا
سَتِي ٿِيءُ مَ سُهڻِي، لَنڊِي ٿِي لُڏيجِ،
چَيو ڪَري چَگهَہ جو، آڌِيءَ راتِ اُٿيجِ،
ريھِين ٻارِ ٻُڏيجِ، ڍَڪَڻَ ۾ ڍُڪُ ڀَري.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 29 ]
چَيو ڪَري چَگهَہ جو، آڌِيءَ راتِ اُٿيجِ،
ريھِين ٻارِ ٻُڏيجِ، ڍَڪَڻَ ۾ ڍُڪُ ڀَري.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 29 ]
ڍَڪَڻَ مَٿي ڍولَ جا، جَڏھِن پُوچا ڏِٺَم پيرَ،
مُون ڀانيو تَنھِن وير، تَہ ڪوجِهي ڪَندو پِريَرِي.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 13 ]
مُون ڀانيو تَنھِن وير، تَہ ڪوجِهي ڪَندو پِريَرِي.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 13 ]
ھُتي تان نَہ ھُئا، ھِتِ وِيَٽُون ڪَنِ وَڏِيُون،
ٻُڏِي تان نَہ مُئا، ڍَڪَڻَ ۾ ڍُڪُ ڀَري.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 15 ]
ٻُڏِي تان نَہ مُئا، ڍَڪَڻَ ۾ ڍُڪُ ڀَري.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 15 ]
English Meaning
Lids. Covers, shade, put on clothes, muffles.