ڇَمَڪِئو جي سنڌي معنيٰ
ڇڻ ڇڻ جو آواز ڪيائين، وڄيو، ڇڻڪاٽ ڪيائين، (ڌاتوءَ مان ٺهيل ڪنھن شيءِ جو آواز ڪرڻ). آواز ڪيائين. ڇم ڇم ڪيائين.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Jingled, clinked, tinkled.
ڇَمَڪِئو جا بيتن ۾ حوالا
پِرِيَنِ پيڪانُ پَڇَندئو، ٻَنگان ٻاڻُ ڀَري،
ڇَمَڪِئو ڇوھَ مَنجهان، ڪَڙِڪَڙِ ڪانُ ڪَري،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، لَنگهي پِئو پَري،
جَو لَڳُمِ جِيءَ ذَري، تاڻِيان تِيرُ نَہ نِڪِري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 8 ]
ڇَمَڪِئو ڇوھَ مَنجهان، ڪَڙِڪَڙِ ڪانُ ڪَري،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، لَنگهي پِئو پَري،
جَو لَڳُمِ جِيءَ ذَري، تاڻِيان تِيرُ نَہ نِڪِري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 8 ]
English Meaning
Jingled, clinked, tinkled.