چَوڌارِي جي سنڌي معنيٰ
چئني طرفن کان، چوطرفو، چوگرد، چوڦير.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
On all sides, around, round, from all sides.
چَوڌارِي جا بيتن ۾ حوالا
چانگي چَئِي چُڪِياسِ، مَٿان اَڪَ نَہ اُلَهي،
جَنھِن وَلَ گَهڻا وِھاٽِئا، اُنَ سين آرِ لَڳِياسِ،
چَوڌارِي چَندَنَ وَڻَ، پَچِي پوڄ پِياسِ،
رُئاڙي رَتُ ڪِياسِ، اِنَ ڪُڌا توري ڪَرَھي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 44 ]
جَنھِن وَلَ گَهڻا وِھاٽِئا، اُنَ سين آرِ لَڳِياسِ،
چَوڌارِي چَندَنَ وَڻَ، پَچِي پوڄ پِياسِ،
رُئاڙي رَتُ ڪِياسِ، اِنَ ڪُڌا توري ڪَرَھي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 44 ]
چَوڌارِي چَڙا، ٻُرَنِ ٻيلايَنِ جا،
سُتي سَنڀارَنِ جو، پِئَڙُمَ ڪَنِ پَڙاءُ،
وِھَڻُ مُون نَہ وَڙاءُ، سُڻِئو جهانءِ جِهڄي ھِنيُون.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 2 ]
سُتي سَنڀارَنِ جو، پِئَڙُمَ ڪَنِ پَڙاءُ،
وِھَڻُ مُون نَہ وَڙاءُ، سُڻِئو جهانءِ جِهڄي ھِنيُون.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 2 ]
ڪَچي ڪَٽُ نَہ جَهلِئو، ڀيلو پِئو ڀُرِي،
سارَ ڇَڏِيائُون سِيرَ ۾، ڪا ٻانھُنِ کي ٻُرِي،
لَٽي لَهرِيُون وييُون، چَوڌارِي چُرِي،
ھِينئَڙي مَنجِهہ ھُرِي، ماھِيَتَ مَلَڪُ الَموتَ جِي.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 15 ]
سارَ ڇَڏِيائُون سِيرَ ۾، ڪا ٻانھُنِ کي ٻُرِي،
لَٽي لَهرِيُون وييُون، چَوڌارِي چُرِي،
ھِينئَڙي مَنجِهہ ھُرِي، ماھِيَتَ مَلَڪُ الَموتَ جِي.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 15 ]
ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، ڪِئا وِڄَڙِيَنِ وارا،
اُٺا گهَڻِيءَ اُورِ سين، ڪَڪَرَ جي ڪارا،
واحِدَ وَسِڪارا، چَوڌارِي چَڱا ڪِئا.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 13 ]
اُٺا گهَڻِيءَ اُورِ سين، ڪَڪَرَ جي ڪارا،
واحِدَ وَسِڪارا، چَوڌارِي چَڱا ڪِئا.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 13 ]
سُتِيئَن سَوارِي، مُنھُن ويڙھي مُينُ جِيئَن،
ڏِٺَئِي نَہ ڏيرَنِ جا، چَوڌارِي چارِي،
تيلاھَ ويچارِي، پُنهون نِيائُون پاڻَ سين.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 13 ]
ڏِٺَئِي نَہ ڏيرَنِ جا، چَوڌارِي چارِي،
تيلاھَ ويچارِي، پُنهون نِيائُون پاڻَ سين.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 13 ]
تُون ڪِئان اَچين ڪاپَڙِي، موٽِئو ڪِيئَن مارِي،
آئُون اُتاھِين ٿو اَچان، جِتِ مُومَلَ موچارِي،
ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ ڪَڪورِئا، چَندَنَ چَوڌارِي،
سُوڌا شِڪارِي، ناتَرِ گَهڻا نِمائِيا.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 4 ]
آئُون اُتاھِين ٿو اَچان، جِتِ مُومَلَ موچارِي،
ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ ڪَڪورِئا، چَندَنَ چَوڌارِي،
سُوڌا شِڪارِي، ناتَرِ گَهڻا نِمائِيا.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 4 ]
کَرَ ٿو کَرايُون ڪَرِيين، ھَرَ ھَرَ ھَچارا،
پُورِيَئِي ڳَلِيُون پِرِيَنِ جُون، چَوڌارِي چارا،
مَرين مُنھَن ڪارا، سَڙِي اُنِهين سُورَ ۾.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 9 ]
پُورِيَئِي ڳَلِيُون پِرِيَنِ جُون، چَوڌارِي چارا،
مَرين مُنھَن ڪارا، سَڙِي اُنِهين سُورَ ۾.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 9 ]
English Meaning
On all sides, around, round, from all sides.