ڄَمارَ جي سنڌي معنيٰ
جيون، جندُ، عمر، وَھِي، حياتي، زندگي، آرجا، آوَسٿا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Age, length of life, lifetime.
ڄَمارَ جا بيتن ۾ حوالا
حَبِيبَنِ ھيڪارَ، مَنجهان مِھرَ سَڏُ ڪِئو،
سو مُون سَڀَ ڄَمارَ، اورَڻُ اُھوئِي ٿِئو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 14 ]
سو مُون سَڀَ ڄَمارَ، اورَڻُ اُھوئِي ٿِئو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 14 ]
ٿَرَ جَبَلَ رِڻَ روھَ، مَيي سَڀَ مَناڙِئا،
اَڱڻُ اَسِي ڪوھَ، ھاڻي ھِنَ ڄَمارَ کي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 19 ]
اَڱڻُ اَسِي ڪوھَ، ھاڻي ھِنَ ڄَمارَ کي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 19 ]
ناسِيندي نِھارَ، پھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ ڏي،
آئُون جي ڏِيَئِين سَنِيھَڙا، چَئِجِ چَنڊَ اَپارَ،
ساجَنَ سَڀَ ڄَمارَ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 4 ]
آئُون جي ڏِيَئِين سَنِيھَڙا، چَئِجِ چَنڊَ اَپارَ،
ساجَنَ سَڀَ ڄَمارَ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 4 ]
چوڏِينھَن چَنڊن اُڀِرِي، سَھِسين ڪَرِين سِينگارَ،
پَلَڪَ پِريان جي نَہ پَڙين، حِيلَنِ ڪَرِين ھَزارَ،
جِھَڙو تُون سَڀَ ڄَمارَ، تِھَڙِو دَمُ دوسِتَ جو.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 19 ]
پَلَڪَ پِريان جي نَہ پَڙين، حِيلَنِ ڪَرِين ھَزارَ،
جِھَڙو تُون سَڀَ ڄَمارَ، تِھَڙِو دَمُ دوسِتَ جو.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 19 ]
واھُڙَ وَھِين مَ شالَ، ڦِٽِي ٻيلاٽِيُون ٿِيين،
پَسان تُنھِنجي پيٽَ ۾، لاڻا لُوتَ لِيارَ،
جِيئَن تو سَڀَ ڄَمارَ، آسائِتِيُون ٻوڙِيُون.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 28 ]
پَسان تُنھِنجي پيٽَ ۾، لاڻا لُوتَ لِيارَ،
جِيئَن تو سَڀَ ڄَمارَ، آسائِتِيُون ٻوڙِيُون.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 28 ]
ڪِٿي ٿِئو ميھارُ، ڪِٿي ٿو گِهنڊُ گُڙي،
ڪِٿي دونھِين دوسَ جِي، ڪِٿي پَرِيُون پارُ،
جَنھِن مُون سَڀَ ڄَمارَ، جَرَ ۾ جهوتُون ڏِنيُون.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 17 ]
ڪِٿي دونھِين دوسَ جِي، ڪِٿي پَرِيُون پارُ،
جَنھِن مُون سَڀَ ڄَمارَ، جَرَ ۾ جهوتُون ڏِنيُون.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 17 ]
چَونِمِ جَي ھيڪارَ، مَ وانءُ موٽِي سُهڻِي،
دُونھِينءَ پاسي دوسِتَ جي، گهارِيان سَڀَ ڄَمارَ،
ٻانڌِيَڙا ٻِيھارَ، ھُوندَ نَہ لِڱِين لائِيان.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 27 ]
دُونھِينءَ پاسي دوسِتَ جي، گهارِيان سَڀَ ڄَمارَ،
ٻانڌِيَڙا ٻِيھارَ، ھُوندَ نَہ لِڱِين لائِيان.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 27 ]
وَرِي پُڇُ ويٺِنِ کي، سَندا پُنهونءَ پارَ،
ساڄَنُ سَڀَ ڄَمارَ، ڏُکِي ڏورِجِ ڏِيلَ ۾.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 2 ]
ساڄَنُ سَڀَ ڄَمارَ، ڏُکِي ڏورِجِ ڏِيلَ ۾.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 2 ]
موٽِي مَڱڻَھارَ، شالَ مَ اَچين ڪَڏِھِين،
اَٺَئِي پَھَرَ عَلِيلَ کي، ڪُنڍو مَنجِهہ ڪَپارَ،
جَنھِن تو سَڀَ ڄَمارَ، ھَنيا ڇَٽَ پَٽَنِ سين.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 8 ]
اَٺَئِي پَھَرَ عَلِيلَ کي، ڪُنڍو مَنجِهہ ڪَپارَ،
جَنھِن تو سَڀَ ڄَمارَ، ھَنيا ڇَٽَ پَٽَنِ سين.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 8 ]
اَچَنِ جي ھيڪارَ، مُون سارِيندِيءَ سُپِرِين،
سِرُ ڪَرِيان سِرون، ھَنڌُ وِڇايان وارَ،
ساڻُنِ سَڀَ ڄَمارَ، گولِي ٿِي گُذارِيان.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 24 ]
سِرُ ڪَرِيان سِرون، ھَنڌُ وِڇايان وارَ،
ساڻُنِ سَڀَ ڄَمارَ، گولِي ٿِي گُذارِيان.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 24 ]
English Meaning
Age, length of life, lifetime.