ڄيري جي سنڌي معنيٰ
ڄر واري باھ، باھ، آتش
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Fire.
ڄيري جا بيتن ۾ حوالا
پَتَنگُ چائِين پاڻَ کي، ڄيري پَئُہ ڄاڻِي،
تانۡ تانۡ تاڻِجِ تاءَ ڏي، جانۡ آڳِ نَہ اُجهاڻِي،
وِسَھُ وِھاڻِي، آڳِ نَہ ڏِجي عامَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 3 ]
تانۡ تانۡ تاڻِجِ تاءَ ڏي، جانۡ آڳِ نَہ اُجهاڻِي،
وِسَھُ وِھاڻِي، آڳِ نَہ ڏِجي عامَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 3 ]
اَچي اُجهايو آڳِ کي، پَتَنگَنِ سين پَروازَ،
کامِي خاڪِ ٿِيَڻَ جا، اُنِهين وَٽِ اَندازَ،
رَمزَ پَروڙِيَئُون رازَ، ڄيري جي ڄِڀِيءَ جا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 15 ]
کامِي خاڪِ ٿِيَڻَ جا، اُنِهين وَٽِ اَندازَ،
رَمزَ پَروڙِيَئُون رازَ، ڄيري جي ڄِڀِيءَ جا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 15 ]
مَٿي مَنجهان مِينھُن پَسو، جِيئَن پاڻِي وَھي،
مُون ڀانيو نِينھُن، ڄِڀِيُون ڄيري سَندِيُون.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 3 ]
مُون ڀانيو نِينھُن، ڄِڀِيُون ڄيري سَندِيُون.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 3 ]
کُٽِيءَ لَيءِ کاڻِي، رَکِيَئِي پِرتِ پُنهونءَ سين،
سُهِئو سُکِئو جِندَڙو، وِڌُءِ ڄيري ۾ ڄاڻِي،
ھاڃو ھوتاڻِي، تو صُباحَ ڪَندا سَسُئِي.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 27 ]
سُهِئو سُکِئو جِندَڙو، وِڌُءِ ڄيري ۾ ڄاڻِي،
ھاڃو ھوتاڻِي، تو صُباحَ ڪَندا سَسُئِي.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 27 ]
مَينڌَرو مَھمانُ، مُون گهَرِ اَچِي جَي ٿِيي،
تاڻي تَنُورَنِ ۾، ڀيري ھَڻان ڀاڻُ،
آڻي جهوڪِئان آڳِ ۾، ڄيري وِجهان ڄاڻُ،
پِئُڪَنِ سُوڌو پاڻُ، گهَرُ تَڙُ گهورِيان پِرِينءَ تان.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 28 ]
تاڻي تَنُورَنِ ۾، ڀيري ھَڻان ڀاڻُ،
آڻي جهوڪِئان آڳِ ۾، ڄيري وِجهان ڄاڻُ،
پِئُڪَنِ سُوڌو پاڻُ، گهَرُ تَڙُ گهورِيان پِرِينءَ تان.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 28 ]
ويٺي جَنھِن وَرِھَ ٿِئا، مَٿي سين ميري،
اَکِيُون اُنَ جُون الَکَ ۾، ڀُونءِ ڏي نَہ ڀيري،
ڪارنِئُون ڪَڪا ٿِئا، ڄَراٽِئا ڄيري،
لُڙِڪَ لالَ لَطِيفُ چئَي، ڪَنبي ۽ ڪيري،
نِينھُن نبيري، جِيئَن سَڙي تِيئَن سَنِرو.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 7 ]

ويٺي جَنِ وَرِھَ ٿِئا، مَٿي ميري ساڻُ،
ڪارَنِئُون ڪَڪا ٿِئا، ڄيري وِجِهي ڄاڻُ،
خُودِيءَ کان خَلاصُ ٿِئا، پُٺِتي وِجِهي پاڻُ،
سي ٻَھَرِ نَہ ھَڻَنِ ٻاڻُ، جَنِ گَڏِئو گُرُ گِروانَ ۾.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 8 ]
ڪارَنِئُون ڪَڪا ٿِئا، ڄيري وِجِهي ڄاڻُ،
خُودِيءَ کان خَلاصُ ٿِئا، پُٺِتي وِجِهي پاڻُ،
سي ٻَھَرِ نَہ ھَڻَنِ ٻاڻُ، جَنِ گَڏِئو گُرُ گِروانَ ۾.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 8 ]
نِينھُن نِھائِينءَ جان، ڍَڪِئو ڪوھُ نَہ ڍِڪِيين،
ڄَرَ ڄيري ڇَڏِي، تَہ ڪِيئَن پَچَندا ٿانءَ،
سَندي ڪُنڀاران، ڪَنِ ڪَريجا ڳالِهڙِي.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 12 ]
ڄَرَ ڄيري ڇَڏِي، تَہ ڪِيئَن پَچَندا ٿانءَ،
سَندي ڪُنڀاران، ڪَنِ ڪَريجا ڳالِهڙِي.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 12 ]
نِينھُن نِھائين جِيئَن، ڍَڪِئو ڪوھُ نَہ ڍَڪِيين،
ڄَرَ ڄيري ڇَڏِي، تَہ رَڇَ پَچَندا ڪِيئَن،
تُون پُڻ ڪَرجِ تِيئَن، جِيئَن ڪُنڀارَ ڪَرِينِ ڪَمَ سين.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 13 ]
ڄَرَ ڄيري ڇَڏِي، تَہ رَڇَ پَچَندا ڪِيئَن،
تُون پُڻ ڪَرجِ تِيئَن، جِيئَن ڪُنڀارَ ڪَرِينِ ڪَمَ سين.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 13 ]
English Meaning
Fire.