ڀُونءِ جي سنڌي معنيٰ
ڀُون، زمين. آستانو، جڳھ، ماڳ، مڪان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The earth, soil, ground.
ڀُونءِ جا بيتن ۾ حوالا
جانۡ جانۡ ھُئِي جِيئَرِي، وِرِچِي نَہ ويٺِي،
وَڃِي ڀُونءِ پيٺِي، سِڪَندِي کي سَڄَڻين.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 9 ]
وَڃِي ڀُونءِ پيٺِي، سِڪَندِي کي سَڄَڻين.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 9 ]
ڪُ ڀُونءِ مَنجِهہ ڪَسابَ، جي وَھَڻُ اَچِي ويلو ڪَري،
اَچيسِ نَہ اوصافَ، رَتِي ريجَ نَہ سِنجِري.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 22 ]
اَچيسِ نَہ اوصافَ، رَتِي ريجَ نَہ سِنجِري.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 22 ]
ڀُونءِ تي ڀورو سِينءَ، جي وَھَڻُ اَچي ويلو ڪَري،
سَنگَ پَچَندي سِينءَ، ڪانُو ڪايا نَہ ڇَڏي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 23 ]
سَنگَ پَچَندي سِينءَ، ڪانُو ڪايا نَہ ڇَڏي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 23 ]
ويٺي جَنھِن وَرِھَ ٿِئا، مَٿي سين ميري،
اَکِيُون اُنَ جُون الَکَ ۾، ڀُونءِ ڏي نَہ ڀيري،
ڪارنِئُون ڪَڪا ٿِئا، ڄَراٽِئا ڄيري،
لُڙِڪَ لالَ لَطِيفُ چئَي، ڪَنبي ۽ ڪيري،
نِينھُن نبيري، جِيئَن سَڙي تِيئَن سَنِرو.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 7 ]

صادَئُون صَبُرُ سِکِئا، ڌُرِيانئي ڌُڻِي،
اُبَٺِئا اِنَ ڳالِهہ تي، چِيرَنِ مَنجِهہ چُڻِي،
اِنَّمَا یُوَفَّى الصّٰبِرُوْنَ اَجْرَهُمْ ، سَرَھا ٿِئا سُڻِي،
وَڏِيءَ ڀُونءِ ڀُڻِي، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 14 ]
اُبَٺِئا اِنَ ڳالِهہ تي، چِيرَنِ مَنجِهہ چُڻِي،
اِنَّمَا یُوَفَّى الصّٰبِرُوْنَ اَجْرَهُمْ ، سَرَھا ٿِئا سُڻِي،
وَڏِيءَ ڀُونءِ ڀُڻِي، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 14 ]
آيُون ڍورِ ڍَرِي، اَصلَ سَندي آسِري،
کَرِيھَرَ ڀُونءِ کَرِي، پيرَ ڏُکويا پَکَڻِين.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 18 ]
کَرِيھَرَ ڀُونءِ کَرِي، پيرَ ڏُکويا پَکَڻِين.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 18 ]
ڪُپيرِيءَ ۾ پيرُ، ڪَنِي پاتو پيرِيين،
جِئان مُنجَهڻُ ماڻُهين، سَڄَڻَ تِئائِين سَيرُ،
اِنَ ڀُونءِ سَندو ڀيرُ، ڪوڙيِين مَنجهان ڪو لَھي.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 5 ]
جِئان مُنجَهڻُ ماڻُهين، سَڄَڻَ تِئائِين سَيرُ،
اِنَ ڀُونءِ سَندو ڀيرُ، ڪوڙيِين مَنجهان ڪو لَھي.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 5 ]
English Meaning
The earth, soil, ground.