ڀَڃُ جي سنڌي معنيٰ
ٽوڙِ، پرزا ڪر، ختم ڪر، وڃاءِ، ڀور ڪر، ناس ڪر.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Break, split, crack, infringe, frustrate. Turn down as a corner of a book.
ڀَڃُ جا بيتن ۾ حوالا
وِئا اَٿَمِ ھوتَ ھَڻِي، آئُون تَنھِن جَڙَ جَڏِي ڪِي،
سامُونڊِيءَ جي سَڱَ جي، ھِنيَين حُبَ گهَڻِي،
سِڙُه ڏيئِي سِيرَ ٿِئا، ڇِنِي تَندُ تَڻِي،
لائِيندِيَيسِ لِڱَنِ کي، سَندِي پِرِينءَ پڻيِ،
وِڌائُون اُتَرَ آسِري، کُوھا ڪالَهہ کَڻِي،
اللهَ ڀَڃُ مَ اُنِ جي، اولي جِي اَڻِي،
وَکَرُ چاڙِھِيو ٻيڙِيين، وَڻِجارَنِ وَڻِي،
اُنِ سين عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ميڙِيندُمِ ڌَڻي.
[ سُر سامونڊي، وايون، 11 ]

پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين، ريءَ وَسِيلي وَڃُ،
ڀيلو ڀيري ڀَڃُ، اُڪَنڊَ کَڻُ عَمِيقَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 34 ]

دُکائِيندِي دُونھَڙا، مُنڌَ سيڻانِي وَڃُ،
پَرياڻُونِ مَ ڀَڃُ، ساٿُ چَڙَھَندو لَڪِيين.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 11 ]

ڀيرو ڀَڃُ مَ ڪاپَڙِي، لاھي ويھُ مَ لاڳِ،
تان مُون ھِينئَڙو ماڳِ، جان تُون جوڳِي جُوءِ ۾.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 9 ]

ڀيرِيُون ڀيري ڀَڃُ، ھي جي مَنجهان پورِيُون،
ٻي دَرِ ڪَنھِين مَ وَڃُ، ريءَ ھاشِمِيءَ ھِڪِڙي.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 4 ]

تان تُون پَرِ پَرُوڙِ، لَڏَڻُ ضَرورِ،
سُومَرا سِيلُ مَ ڀَڃُ سَتِنِ جو،
ڏِينھَن ڏُھلا ڀانيان، پَھسَ پِريان جي پُورِ،
اُڀِي اَرداسُون ڪَري، حَمِيراڻي حُضُورِ،
مُون کي ويلَ نَہ وِسَري، مارُوءَ سَندِي مُورِ،
سانبِي سارِئَمِ سُومَرا، ڏيھِي وِئَڙا ڏُورِ.
[ سُر مارئي، وايون، 9 ]

اَڇو ڪوٽُ عُمَرَ جو، ڏِسِئو ٿِي ڏَران،
هُتِ پوڃاڙِيءَ پَٽَنِ ۾، چانگارِينِ چَڙا،
قادِرَ ڀَڃُ ڪَڙا، تَہ مِلان مارُوئَڙَنِ کي.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 10 ]

مُنھِنجو هِينئڙو سَنگهارَنِ ساري، هُوءِ جي ويجها وَسَ کي،
آءُ حَمِيرَ ڀَڃُ زَنجِيرَ، هِيئَن نَہ سَگهان هِتِ گهاري،
اِلاهِي عِنايَتَ سين، شَلَ کِينءَ مِڙان کِيڪاري،
قَلبُ مُنھِنجو ڪوٽَ ۾، گهايَلُ ٿو گَهاري،
مَران شالَ مَلِيرَ ۾، گولُنِ ساڻُ گُذاري،
پَکو پاڻِيءَ وِچَ ۾، پاڻِي پَکَي ڌاري،
اَمُنَ سان، عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، والِي وَطَنِ واري.
[ سُر مارئي، وايون، 12 ]