ڀَڃي جي سنڌي معنيٰ
ٽوڙي، ٽُڪر ڪري. سَلي. حَل ڪري. مَٽي، ناس ڪري.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Tearing, making aparts, break.
ڀَڃي جا بيتن ۾ حوالا
عِشقُ نَہ آھي راندِ، جِيئَن ڪِي ڪَنِس ڳَڀَرُو،
جِيءَ جُسي ۽ جانِ جِي، ڀَڃي ٿو ھيڪاندِ،
سِسِي نيزي پاندِ، اُڇَلِ تَہ اَڌَ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 22 ]
جِيءَ جُسي ۽ جانِ جِي، ڀَڃي ٿو ھيڪاندِ،
سِسِي نيزي پاندِ، اُڇَلِ تَہ اَڌَ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 22 ]
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڪُنَنِ جو ڪَڙَڪو،
آيُمِ اُنَهِيءَ پارَ جو، دِلِ اَندَرِ ڌَڙَڪو،
ڀَڃي شَڪَ سَيِّدُ چئَي، سِيرَ سَندو سَڙَڪو،
ڪونِهي ڪاڻِيارِيُنِ جو، تاِر بِنان تَڙُڪو،
والِي ڪِجِ وَڙُڪو، تَہ ٻارِ لنگهِيان ٻاجَهہ سين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 11 ]

اَڄُ پُڻ وَسائِي اوٺِيين، مَٿي مارَڳَ ماڪَ،
پُنهون نِيائُون پاڻَ سين، تاڙِيُون ڀَڃي تاڪَ،
هَيْھَاتَ هَيْھَاتَ لِمَا تُوعَدُونَ سُڃِي ٿِي اوطاقَ،
چُڪِيءَ چوري چاڪَ، ھاڙِھي ھوتَ ھَلِي وِئا.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 4 ]
پُنهون نِيائُون پاڻَ سين، تاڙِيُون ڀَڃي تاڪَ،
هَيْھَاتَ هَيْھَاتَ لِمَا تُوعَدُونَ سُڃِي ٿِي اوطاقَ،
چُڪِيءَ چوري چاڪَ، ھاڙِھي ھوتَ ھَلِي وِئا.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 4 ]
بابُو بيکارِي ٿِئا، ڀَڃي ڇَڏِيائُون ڀاڻُ،
نِسوروئي ناھِ جو، نانگَنِ وَٽِ نِڌاڻُ،
سِرکَنڊُ جَنِي ساڻُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 27 ]
نِسوروئي ناھِ جو، نانگَنِ وَٽِ نِڌاڻُ،
سِرکَنڊُ جَنِي ساڻُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 27 ]
اَندَرِ وِھارِيين ڪانءُ، ٻَھَرِ ٻولِي ھَنجَ جِي،
اِھَڙو ٺَلهو ٿانءُ، ڀَڃي ڀورا نَہ ڪَرِيين.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 16 ]
اِھَڙو ٺَلهو ٿانءُ، ڀَڃي ڀورا نَہ ڪَرِيين.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 16 ]
تَنِ رَهيَنِ وَٽان لَڏِ، جَنِ جِي ناھِ مُھاڙِ مَلِيرَ ڏي،
جو ڌَڻُ ڌَراڙَنِئُون ڌارَ چَري، سا ڇانگَ ئِي ڀَڃي ڇَڏِ،
سانگِيَنِ سين سَيِّدُ چئَي، اوڏا اَچِي اَڏِ،
تَہ هاڃي سَندِي هَڏِ، ڪُوڪَ نَہ سُڻين ڪَڏِھِين.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 5 ]
جو ڌَڻُ ڌَراڙَنِئُون ڌارَ چَري، سا ڇانگَ ئِي ڀَڃي ڇَڏِ،
سانگِيَنِ سين سَيِّدُ چئَي، اوڏا اَچِي اَڏِ،
تَہ هاڃي سَندِي هَڏِ، ڪُوڪَ نَہ سُڻين ڪَڏِھِين.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 5 ]
کُوءِ آسُون عُمَرَڪوٽَ جُون، وَرُ جَهنگَلَ ۾ جُهوپي،
جي اَباڻَنِ اَڏِئا، ڳُڻَنِ سين ڳُوپي،
ويندِيَسِ ويڙِهيچَنِ ڏي، لوھَ ڀَڃي لُوپي،
چِڀِڙَ آئُون چُوپي، سِڪَ لاھِيندِي سُومَرا.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 5 ]
جي اَباڻَنِ اَڏِئا، ڳُڻَنِ سين ڳُوپي،
ويندِيَسِ ويڙِهيچَنِ ڏي، لوھَ ڀَڃي لُوپي،
چِڀِڙَ آئُون چُوپي، سِڪَ لاھِيندِي سُومَرا.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 5 ]
English Meaning
Tearing, making aparts, break.