ڀانيو جي سنڌي معنيٰ
سمجهيو، سوچيو، محسوس ڪيو، چاھيو، ڄاتو، خيال ڪيو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Thought, imagined. felt, liked.
ڀانيو جا بيتن ۾ حوالا
کِوَڻِ کوايو، تو آئِي نِنڊَ اَڀاڳَ کي،
ڀَؤُ نَہ جَنِ ڀانيو، ڪَري تَوائِي تَنِ کي.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 9 ]
ڀَؤُ نَہ جَنِ ڀانيو، ڪَري تَوائِي تَنِ کي.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 9 ]
سامُونڊِي ٿو سَنبَھين، ساڄو جَهلِ سُکانُ،
لَڳي واءُ وَڏاندَرو، مُنجهائي مَھِراڻُ،
جَنِي ڀانيو پاڻُ، ڪَري تَوائِي تَنِ کي.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 4 ]
لَڳي واءُ وَڏاندَرو، مُنجهائي مَھِراڻُ،
جَنِي ڀانيو پاڻُ، ڪَري تَوائِي تَنِ کي.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 4 ]
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ لَهرِيُون ڪَنِ لوڙا،
سَوين اَچِئو سِيرَ ۾، ٿِيَنِ سِيڻاھِيَلَ سوڙِھا،
جٖي تارُو ھُئا توڙا، تَنِ ھُرڀُ ڀانيو ھيڪِڙو.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 14 ]
سَوين اَچِئو سِيرَ ۾، ٿِيَنِ سِيڻاھِيَلَ سوڙِھا،
جٖي تارُو ھُئا توڙا، تَنِ ھُرڀُ ڀانيو ھيڪِڙو.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 14 ]
ڀَريُون پَرِينءَ ڀَرِ، پَسُ جَي پارِ پَوَندِيُون،
آڻِئو ھَڻي آرَ ۾، وَڻَ جَي پُونِسِ وَرِ،
سانباھِي سَمُنڊَ جِي، ڪَنھِن ڀَتِ ڀَڄِي ڪَرِ،
تو ڀانيو آئُون گهَرِ، آھِين آرَ اَکِيُنِ ۾.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 9 ]
آڻِئو ھَڻي آرَ ۾، وَڻَ جَي پُونِسِ وَرِ،
سانباھِي سَمُنڊَ جِي، ڪَنھِن ڀَتِ ڀَڄِي ڪَرِ،
تو ڀانيو آئُون گهَرِ، آھِين آرَ اَکِيُنِ ۾.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 9 ]
سارَنگَ کي سَعيو، توکي سَعيو نَہ ٿِئي،
گُڙي ٿو گَنباٽَ ۾، آيو ڪِي آيو،
مَتان اِيئَن ڀانيو، تَہ بادَلَ وَسِي بَسِ ڪِي.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 10 ]
گُڙي ٿو گَنباٽَ ۾، آيو ڪِي آيو،
مَتان اِيئَن ڀانيو، تَہ بادَلَ وَسِي بَسِ ڪِي.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 10 ]
ڪونِهي اُتِ ڪوھِيار، جِتِ تو ڀورِي ڀانيو،
پَنڌُ مَ ڪَرِ پاھَڙَ ڏي، وُجُودُ ئِي وَڻِڪارَ،
ڌارِئان ڀانِئجِ ڌارَ، پُڇُ پِريان ڪَرَ پاڻَ تُون.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 4 ]
پَنڌُ مَ ڪَرِ پاھَڙَ ڏي، وُجُودُ ئِي وَڻِڪارَ،
ڌارِئان ڀانِئجِ ڌارَ، پُڇُ پِريان ڪَرَ پاڻَ تُون.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 4 ]
ھَلُ ھِنيَين سين ھوتَ ڏي، سِسِي کَڻُ مَ ساڻُ،
جَنِي ڀانيو پاڻُ سي آرِياڻِيان اوري رَھِيون.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 18 ]
جَنِي ڀانيو پاڻُ سي آرِياڻِيان اوري رَھِيون.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 18 ]
پَسئِو رُونِ پُنهونءَ جا، اَکِيُون اوتارا،
مُون ڀانيو مُون وَٽِ، ھُوندا ڄَمارا،
ساٿِيَنِ سَوارا، ڪِئو ڪيچُ اَکِيُنِ ۾.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 10 ]
مُون ڀانيو مُون وَٽِ، ھُوندا ڄَمارا،
ساٿِيَنِ سَوارا، ڪِئو ڪيچُ اَکِيُنِ ۾.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 10 ]
مُون ڀانيو مَھمانَ، ھَميشه ھُوندا پِرِين،
ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڪَھَلَ ڪِيائُون ڪانَ،
ڏيئِي وِئَڙا ڏاھِ کي، سُورَنِ جا سامانَ،
جورو راتِ جُوانَ، جيڏو جَتَ ڪَري وِئا.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 1 ]
ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڪَھَلَ ڪِيائُون ڪانَ،
ڏيئِي وِئَڙا ڏاھِ کي، سُورَنِ جا سامانَ،
جورو راتِ جُوانَ، جيڏو جَتَ ڪَري وِئا.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 1 ]
مُون ڀانيو مُون وَٽِ ھَميشه ھُوندا پِرِين،
ويڙِھو ڏيئِي ويڪِرو، پَھرِي وِئا پَٽِ،
ساھُ جَنِي جِيءَ سَٽِ، وِڪِيُمِ ٿي وَڻِڪارَ ۾.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 2 ]
ويڙِھو ڏيئِي ويڪِرو، پَھرِي وِئا پَٽِ،
ساھُ جَنِي جِيءَ سَٽِ، وِڪِيُمِ ٿي وَڻِڪارَ ۾.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 2 ]
English Meaning
Thought, imagined. felt, liked.