پَڪا جي سنڌي معنيٰ
پختا، پچيل، دائمي، مضبوط، جانٺا، پڪل، رَسيل.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Ripe, mature, cooked as food, baked as bricks, firm, strong, cunning, artful, knowing, proved, expert, peremptory.
پَڪا جا بيتن ۾ حوالا
جَي آکو تَہ ڪوھُ، ڪَچو آيُمِ ڪَمِ،
جِيءَ جَنِي جا جَمِ، پَڪا سي پُڇَندِيُون.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 13 ]

پَڪا رَڇَ ڪُنڀارَ جا، پَڪِي نِھائين،
مُون کي تِئائيِن، ڀيلو ئِي ڀاڱي پِئو.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 14 ]
مُون کي تِئائيِن، ڀيلو ئِي ڀاڱي پِئو.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 14 ]
جُنگَ نِھاري جَوھَرِي، دانا دوسِتَ ڪِجَنِ،
ھِھَڙِيءَ ھُھَڙِيءَ لَھَرِ نَہ لُڏِڻا، ڌَرتِيءَ جِيئَن نَہ ڌُٻَنِ،
اُونِهي ڪُنَ عَمِيقَ جِيئَن، تانگهَہ نَہ اَچي تَنِ،
سَڄَڻَ سوني ھارَ جِيئَن، وَرھين نَہ وِلٽَنِ،
پَڪا پِرِين ڪِجَنِ، ڪَچَنِ مان ڪِينَ ٿِيي.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 8 ]

مُورَکَ مامَ نَہ ٻُجِهڻا، آڪا جيھا اَڪَ،
پَڪا جي نَہ سُپَڪَ، مَ ڪَرِ ميڙو تَنِ سين.
[ سُر آسا، مجازي مام، 16 ]

پَڪا پَنوَھارَنِ ڏي، ميوا مَڃَرَ مَڪَ،
عُمَرَ اَتِ اُڪَنڊِئو، حالُ ھَماري حَقَ،
لوئِيءَ ۽ لَڪَ، سَمُنَ سُپِرِيَنِ سين.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 14 ]

پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ جا، ڏِجِ نِياپا نَي ڪي،
ساري ڏيجِ سَرَتِيُنِ، يادِ پَوَنِئِي جيڪي،
وَلِيُون وَڻَ ڦُلارِئا، ڪِرِڙَ پَڪا ڪي ڪي،
سَڱَرُ کينِ سَرَتِيُون، سييِنِ جِيئَن سيڪي،
زيرِيين ڀَڃِي جيڪي، مِلان مارُوئَڙَنِ کي.
[ سُر مارئي، مَ رو، پانڌي پرين پنھوار، 2 ]