پَچُ جي سنڌي معنيٰ
سڙُ، پنھنجو پاڻ پچاءِ، تيار ڪر، جَلُ، کامَ، ساڙُ. پَڄَرَ، باھ. حسد، ڪينو. اندر جو ساڙ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Burn, fry, ripe, be ready, be on fire, on fire.
پَچُ جا بيتن ۾ حوالا
پَڳَھَ پاسي پَچُ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جي،
مَنَ ۾ ٻاري مَچُ، جِمَ وَڃَنَئِي اوھَرِي.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 2 ]
مَنَ ۾ ٻاري مَچُ، جِمَ وَڃَنَئِي اوھَرِي.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 2 ]
جوڳِي تُنھِنجي جوڳَ ۾، ڳالِهہ گُهرِجي ڳَچُ،
سَڳا سيلِهيُون سِڱِيُون، اِي پُڻ وَڏوڪَچُ،
وَڍي چِيري چِچِري، پَرِ ۾ اُڀو پَچُ،
سوئِي ٻارِجِ، مَچُ، جِيئَن ٻَھَرِ ٻاڦَ نَہ نِڪِري.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 13 ]
سَڳا سيلِهيُون سِڱِيُون، اِي پُڻ وَڏوڪَچُ،
وَڍي چِيري چِچِري، پَرِ ۾ اُڀو پَچُ،
سوئِي ٻارِجِ، مَچُ، جِيئَن ٻَھَرِ ٻاڦَ نَہ نِڪِري.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 13 ]
سَرَتِيُنِ سَختُ چَوايو، سِيلُ جَنِي جو سَچُ،
سَتِي تُنھِنجي سَتَ ۾، ڳالِهہ گُهرِجي ڳَچُ،
سارِئو سانبِيَڙَنِ کي، پَر ۾ ويٺِي پَچُ،
ساڻُ اَمانَتَ اَچُ، تَہ ٿِيين سَمانِي ساڻيھَ ۾.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 18 ]