پَوي جي سنڌي معنيٰ
مِلي، معلوم ٿئي، مٿان اچي، نمودار ٿئي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To fall, tumble, to lie down, to occur, befall, happen, enter upon, penetrate.
پَوي جا بيتن ۾ حوالا
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، ڪَرِ پَڙاڏو پَٽُ،
سِرُ سُورِيءَ ڌَڙُ ڪُنگِرين، مَڇُڻ ڪُڇين ڪَٽُ،
عِشقُ نانگُ نِپَٽُ، خَبَرَ کاڌَنِ کان پَوي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 15 ]

ڪَربَلا جو قَضِيو جَڏھِن پَوي مَنجِهہ جِيءَ،
وَسَنِ ٿا وُجُودَ تي، سَندا سُورَنِ سِيءَ،
ڏُھٽَنِ ڏِٺا ڏُکَڙا، ناني ري نَبِيءَ،
فَرزَندَ بِيبِيءَ فاطمَتهَ، پاڪَ پِيارا پِيَ،
والِي وارِثَ وِيءَ، رِڻَ ۾ رُڪَ رَھائِيا.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 13 ]

جانۡ ساماڻِينءَ سَسُئِي، تَہ ويسُ وِڙَنِ جو ڪَرِ،
لائي لُنگُ لَطِيفُ چئَي، ٿِيءُ بيکارِياڻِي بَرِ،
تَہ ويندي پَوي وَرِ، اَڳِيان ھوتُ حُضُورَ ۾.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 29 ]

پِييَمِ پَٺاڻَنِ سين ٻولِي جٖي نَہ ٻُجَهنِ،
آئُون سِنڌِيائِي نَہ سَمجهان، اُوءِ پارِسِي پُڇَنِ،
اللهَ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ، مُون سين پَوي نَہ مامِرو.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 2 ]

اوجاڳو اَڄاڻِ، ڪِيئِي نَہ ڪَمِيڻِيَنِ جِيئَن،
آسارِي ايھِيءَ پَرِ، پَوي ڪيچِيَنِ سين ڪاڻِ،
ٻانِهي چائِيين پاڻِ، ٿِي سَڄِيُون راتِيُون سُمهين.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 15 ]

لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، ڪَرَھا ٿِئا قَزاقَ،
اَھُکِي جا اُٺَنِ کي، سا مَيَنِ پَوي مَ ماڪَ،
اَکِيُنِ خوراڪَ، پَسَڻُ پَرَڏيھِيَنِ جو.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 22 ]

ھَٿَ ٻَڌِي ٻيئِي، پيرين پانڌِيَنِ کي پَوي،
سَگهي نَہ ڏيئِي، سُڏِڪَنِ کان سَنِيھو.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 35 ]
سَگهي نَہ ڏيئِي، سُڏِڪَنِ کان سَنِيھو.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 35 ]
ڪيچُ جيڏاھِين جيڏِيُون، آھيم آسَ اوڏاھِين،
بَندِيءَ جِي بازارِ ۾، شالَ مَ پَوي پانھِين،
ھاڙِھي وَڃِي ھوتَ ڏي، ٿيِندِيَس ڏاھِ ڏاھِي،
ڀيرُ سُڃاتُمِ پِرِينءَ جو، موٽان نَہ پانھِين،
پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي، ويندِيَسِ اَتِ اَڳاھِين.
[ سُر جاجڪاڻي، وايون، 3 ]