پَنڌَ جي سنڌي معنيٰ
واٽُون، گَسَ، رستا. مفاصلا، وچ واريون دُوريون يا وڇوٽيون. هلڻيون، چالون. رفتار.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Distances. Journeyings, travelings.
پَنڌَ جا بيتن ۾ حوالا
دَوڪَ دَھلِئا جِتِ، گورا ھَلَنِ نَہ گَسَ ۾،
چَئُہ سالَ ئِي نَہ چَلِڻا، تَنگِ نِھاري تِتِ،
سُوڌِي نِي سَيِّدُ چئَي، پانجارَنِ پِرتِ،
اِنَ اَڙانگي پَنڌَ جي، ڪا نيشَنِ پوءِ نِرتِ،
سَسُئِي وَڏي سَتِ، جان ايھِيءِ پَرِ پَنڌَ ڪَري.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 14 ]

آئُون اُڪَنڊِيائِي مَران، پِرِين ڀَلا پَرَ ڏُورِ،
ٻاٻَلُ ڏي نَہ ٻُوۡرُ، پَنڌَ نَہ جوڳِي پِيَڙِي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 23 ]
ٻاٻَلُ ڏي نَہ ٻُوۡرُ، پَنڌَ نَہ جوڳِي پِيَڙِي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 23 ]
نَڪِي چَري ڪَرَھو، نَڪِي اوڳاري،
سارِئو سانبيَڙَنِ کي، رويو جَرُ ھاري،
مَيي ويچاري، سُورُ سَدائِين پَنڌَ جو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 33 ]
سارِئو سانبيَڙَنِ کي، رويو جَرُ ھاري،
مَيي ويچاري، سُورُ سَدائِين پَنڌَ جو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 33 ]
سَٿِيَنِ سَنبَتِ پَنڌَ جِي، تُون ويسَلو ويرَ،
جوڙي جُنگَ جَھازَ کي، ڪوڏِ ھَڻائج ڪِيرَ،
وَھي وَڻِجارَنِ جِي، بَندَرَ ڏانھَن بَھِيرَ،
گهَرِ تَنِي جي کِيرَ، جَنِ لاڳَيدارَ لَنگهائِيا.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 10 ]
جوڙي جُنگَ جَھازَ کي، ڪوڏِ ھَڻائج ڪِيرَ،
وَھي وَڻِجارَنِ جِي، بَندَرَ ڏانھَن بَھِيرَ،
گهَرِ تَنِي جي کِيرَ، جَنِ لاڳَيدارَ لَنگهائِيا.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 10 ]
پَڳَھَ پَنڌَ پَرُوڙِ، آيَلَ سامُونڊِيَنِ جا،
ساندارو سَمُنڊَ جو، آھي دُوران دُورِ،
ڪي لَنگِهئا پِھرِئين پُورِ، ڪَنِ ويٺي وَرِھَ ٿِئا.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 4 ]
ساندارو سَمُنڊَ جو، آھي دُوران دُورِ،
ڪي لَنگِهئا پِھرِئين پُورِ، ڪَنِ ويٺي وَرِھَ ٿِئا.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 4 ]
بادَلِيا تُم بِين ڪَرُون، سُورَجَ لي ڇَپاءِ،
پِيَ مورا پَنڌَ ۾، مَتان ڌُوپُ لَڳي ڪَوَلا.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 14 ]
پِيَ مورا پَنڌَ ۾، مَتان ڌُوپُ لَڳي ڪَوَلا.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 14 ]
مِيرَ مَدِينِئان نِڪرِي، رِڙِھِئا مَٿي رَندَ،
گهوڙا تَنِ گهوٽَنِ جا، پُرِئا مَٿي پَنڌَ،
جِتِ رَھَندا راتِڙِي، سي سُونھارا ھَنڌَ،
ڪُلَها ڪَرنگَهرَ ڪَنڌَ، جُهرَنِ جُهونجارَنِ جا.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 7 ]
گهوڙا تَنِ گهوٽَنِ جا، پُرِئا مَٿي پَنڌَ،
جِتِ رَھَندا راتِڙِي، سي سُونھارا ھَنڌَ،
ڪُلَها ڪَرنگَهرَ ڪَنڌَ، جُهرَنِ جُهونجارَنِ جا.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 7 ]
جيڪُسِ يادِ ڪِئاسِ، وَرَ وَڃِي وَڻِڪارَ ۾،
جَلِدُ جَرِيدِي پَنڌَ ۾، اَدِيُون اَڄُ ٿِئاسِ،
وَڃِي ڪيچِ پُنِياسِ، ٻاروچاڻِيءَ ٻاجَهہ سين.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 3 ]
جَلِدُ جَرِيدِي پَنڌَ ۾، اَدِيُون اَڄُ ٿِئاسِ،
وَڃِي ڪيچِ پُنِياسِ، ٻاروچاڻِيءَ ٻاجَهہ سين.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 3 ]
آءُ اوراھُون سُپِرِين، پَري وَڃُ مَ پِيَ،
موٽُ مَرَندِيَسِ ڇَپَرين تُون جِيارو جِيءَ،
ھوتَ مَ ڇَڏِج ھِيءَ، پُنهون پِيادِي پَنڌَ ۾.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 3 ]
موٽُ مَرَندِيَسِ ڇَپَرين تُون جِيارو جِيءَ،
ھوتَ مَ ڇَڏِج ھِيءَ، پُنهون پِيادِي پَنڌَ ۾.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 3 ]
ويھُ مَ وِساري پُڇا ڪَرِ مَ پَنڌَ جِي،
نِرمَلُ نِھاري، ھَلَندِنِ تان نَہ ھَٿِ ڪِئو.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 9 ]
نِرمَلُ نِھاري، ھَلَندِنِ تان نَہ ھَٿِ ڪِئو.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 9 ]
English Meaning
Distances. Journeyings, travelings.