پَلَڪُ جي سنڌي معنيٰ
اک ڇنڀ، ساعت، پل، گهڙِي، سيڪنڊ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The eyelid. A twinkling of the eye, a moment.
پَلَڪُ جا بيتن ۾ حوالا
گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، ويندِيَسِ تان نَہ وَرِي،
پِيءُ پَسَندِيَسِ پانھِنجو، تانگهو تارِ تَرِي،
ميھارَ مَرِي، پَلَڪُ پاسي نَہ ٿِيان.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 27 ]

پَلَڪُ نَہ رَھي دِلِ تو ري، وَرُ مِيان صاحِبَ خانَ بلوچا،
اُٺَ چارِيندِيَسِ اُنِ جا، مَٿان سي ٽَڪَرَ ٽوري،
ڏُکَ لاھِيندِيَسِ ڏِيلَ جا، ساڻُ عَجِيبَنِ اوري،
ڪانگَ کِيندَمِ ڪيچَ جا، ماسُ چُنجُنِ سان چوري،
ڏِيندِيَسِ ماھُ مِرُنِ کي، مَٿان ڪُلَهنِ ڪوري،
آرِياڻِي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سارَ لَھَندُمِ سوري.
[ سُر آبڙي، وايون، 15 ]

ڏِسَڻُ ڏِکان اَڳِرو، سَسُئِي آڻ مَ شَڪُ،
ٿِي ٻانِهي ڀَرِ اويُون، لُڏُ مَ پَسِي لَڪُ،
وَرُ پُنهونءَ سين پَلَڪُ، ٻَنِ ٻارَھن وَرِھَ ٻِئَنِ سين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 9 ]

اَڱَڻِ آءُ اُڪَنڊِيين، پَرچِي پِيارا،
پَلَڪُ پَراھُون نَہ سَھِسين، جِيءَ جا جِيارا،
نِينھان نِظارا، سَڃِ تَہ مان سُورُ لَھي.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 4 ]

پَل پَل ٿِي پَليانسِ، پَلَڪُ نَہ رَھي پِرِينءَ ري،
جَنھِن جهورِيءَ کان جَهلِيانسِ، جِهڄِئو تَنھِن جهوريءَ پَئي.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 16 ]

جَنِي لاءِ ٿِياسِ، لِنگَڙِيائي لُوءَ ۾،
تَنِي تان تِرَ جيتَرو، پَلَڪُ نَہ پُڇِياسِ،
جَهروڪَنِ جهورِئو ھِنيُون، ڪوٺِنِ آئُون ڪُٺِياسِ،
مارُنِ مُونجهَہ مُياسِ، نَہ تَہ ماڙِيُنِ مارِيَسِ ڪِينَڪِي.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 1 ]

شالَ اوڏڙا آھِنِ، ٻَڙِي جيڏِيُون، پَلَڪُ پِريان ري نَہ رَھان،
نَڪِي ھيٺِ نَہ بيٺِ ڪِي، کِدا تان نَہ کَڻَنِ،
اُپَڙِي نِتُ نِھارِيان، واٽُون ويراڳِينِ،
اُتَرُ اَجهو جَنِ جو، بُکَ بِکِيا تَنِ،
لوڪَ سُتي ڇَڏِئا، آسَڻَ آديسِيَنِ،
اَگَرُ چَندَنُ اُڀِري، مَنجهان دُودَ دُونھِيَنِ،
پَسِي آئُون پُرِ ٿِي، تَنِ صُورَتَ سَناسِيَنِ.
[ سُر رامڪلي، وايون، 21 ]