پَلاڻَ جي سنڌي معنيٰ
اُٺ کي سنجڻ جا سامان، پاکڙا ۽ ٻيا سامان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Packs saddle for camel.
پَلاڻَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪيچان آيو قافِلو، ساٿَ ڌَڻِي سَرواڻُ،
وارَ وَڍي وَڳُون ڪَرِيان، پُوئاھانِ پَلاڻَ،
جِھَڙو پُنهون پاڻَ، تِھَڙِي سِٽا ساٿَ جِي.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 21 ]

ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، پائي اينڊَ پَلاڻَ،
وِجِهي گورِبَندَ گُنگَنِ کي، ڏيئِي تَنگنِ تاڻَ،
ڪارُون ڪِيَمِ ڪيتِرا، سَنجهي وِئا سَرواڻَ،
پُنهون ناھِ پَلَنگَ تي، سيڄَ سُڃِي ٿِي ھاڻِ،
مُون وَٽِ ٿِي مَھمانَ، راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 7 ]

ھُونگاَري ھَلِئا، پاتائُون پَلاڻَ،
ليڙَنِ جُهُلون لاکَ جُون، سِينگارِئا سَرواڻَ،
جِھَڙو پُنهون پاڻَ، تِھَڙِي سِٽا ساٿَ جِي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 8 ]

ناڪيلِيُون نَڪَنِ ۾ پاتائُون پَلاڻَ،
لاٿائُون لَطِيفُ چئَي، سَندا ڏاگهَنِ ڏاڻَ،
سَنجهي وِئا سَرواڻَ، آئُون پاڳوڙانِ پُڄِئو رُئان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 15 ]

اُٺَ ويرِي اوٺارَ ويرِي، اُٺَنِ ويرِي ڏاڻَ،
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، پاتائُون پَلاڻَ،
مُون ڀانيان مَھمانَ، پَرَ ھُو پُنهون وَٺَڻَ آيا.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 8 ]

ڏاگهَنِ لاھِين ڏاڻَ، اُٺَنِ ڏِين کَر کَرا،
مُنا شِيشِي ڦُڙتَگا، پُستَ جَنِ پَلاڻَ،
سَنجهي وِئا سَرواڻَ، مَين پُڻ ڀاڳو رَفتَگان.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 15 ]

ڦازا ڏيرَ ڦَگهين وِئا، اُٿِي اُٺَ نِياڻَ،
بَکُ نَدِي ٿَي نِستِيا، پاتائُون پَلاڻَ،
سَنجهي وِئا سَرواڻَ، مَين پُڻ ڀاڳو رَفتَگان.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 16 ]

ٽاٽوڪِينِ پَلاڻَ، سَدا ھَڻَنِ کَرکَرا،
لاکي لوڙائُن جا، اِھَڙائِي اُھڃاڻَ،
تَنگَنِ ڏيئِي تاڻَ، ڪُوڪَ ڪارِيندا ڪَڇَڙي.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 21 ]

ڀانيُمِ جٖي سَرواڻَ، تَہ ڪِ ڇُلائِيندا ڇَپَرين،
کانيَمِ ھُوندَ پَلاڻَ، اُٺَ گُڏايَمِ اُنِ جا.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 16 ]