پَسِئو جي سنڌي معنيٰ
ڏِسيو، ڏِسئو، حاصل ڪيو، نھاريو، جاچيو. معلوم ڪيو. محسوس ڪيو. لَکَيو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Achieve, see, observe, feel, test, taste
پَسِئو جا بيتن ۾ حوالا
ڪاتِيءَ ڪونهي ڏوھُ، ڳَنُ وَڍِيندَڙَ ھَٿَ ۾،
پَسِئو پَرِ عَظِيمَ جِي، لِچِئو وَڃي لوحُ،
عاشِقَنِ اَندوھُ، سَدا مَعشُوقَنِ جو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 11 ]
پَسِئو پَرِ عَظِيمَ جِي، لِچِئو وَڃي لوحُ،
عاشِقَنِ اَندوھُ، سَدا مَعشُوقَنِ جو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 11 ]
ٻُوۡرُ نَہ چَري ٻُورُ، پَسِئو تُورُ تَڪُون ڪَري،
مُونين ھَڻِي موٽِئو، ڪَرَھو راتِ ڪَپُورُ،
مَيو ٿِئو مَعمُورُ، چَندَنُ چکِي آيو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 29 ]
مُونين ھَڻِي موٽِئو، ڪَرَھو راتِ ڪَپُورُ،
مَيو ٿِئو مَعمُورُ، چَندَنُ چکِي آيو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 29 ]
اَسان اُڌارا، آڻي آوَنگَ چاڙِھَيا،
مُنھُن ڏيئِي مُون آيا، سَمُهان سِيارا،
اُڀِرَنِ سِيڪارا، پَسِئو وَرَ ٻيُنِ جا.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 4 ]
مُنھُن ڏيئِي مُون آيا، سَمُهان سِيارا،
اُڀِرَنِ سِيڪارا، پَسِئو وَرَ ٻيُنِ جا.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 4 ]
پينگها پَسِئو روءِ، وَڃِيو وَٿاڻَنِ ۾،
دُونھِينءَ پاسي دوسِتَ جي، پاڻُ پَڇاڙِئو پوءِ،
ساھَڙَ سانگُ سَندوءِ، شالَ اَچِي اوراھُون ٿِئي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 15 ]
دُونھِينءَ پاسي دوسِتَ جي، پاڻُ پَڇاڙِئو پوءِ،
ساھَڙَ سانگُ سَندوءِ، شالَ اَچِي اوراھُون ٿِئي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 15 ]
آئُون جَا ويندَڙياس پارِ پِرِيَنِ جي، مُون کي ڪا مَ جَهلي،
آئُون جَا ويندَڙَيَس پارِ پِرِيَنِ جي، نِينھُن اُڇَلي،
پَسِئو دُونھِي دوسِتَ جِي، جِيءُ مُنھِنجو جَلي،
تَنُ وَڌائِين تارِ ۾، آڌِيءَ ريَنَ اُڇَلي،
ڏَمُ ڏِھاڙِي ڪيتِرو، پَرِ ۾ ٿو پَلي،
مَحبتِيءَ ميھارَ جو، سُورُ مُونھِين کي سَلي.
[ سُر سھڻي، وايون، 7 ]

تَران تَہ مَران، وَران تَہ وَھُ وِتَرو،
ھِينئَڙي ۾ ھوتَنِ جا، اَچَنِ گهورَ گَهڻا،
پَسِئو پاڙي وارِيُون، ڏِسِئو ڏوھَ ڏَران،
وِچان ڪِيئَن وَران، جِيئَن ڪَنڌِيءَ مُنھِنجو ڪارَڻِي.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 16 ]
ھِينئَڙي ۾ ھوتَنِ جا، اَچَنِ گهورَ گَهڻا،
پَسِئو پاڙي وارِيُون، ڏِسِئو ڏوھَ ڏَران،
وِچان ڪِيئَن وَران، جِيئَن ڪَنڌِيءَ مُنھِنجو ڪارَڻِي.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 16 ]
ڪُڻِڪَنِ ڪانڌُ چِتِ ڪِئو، پَسِئو جُهڙُ جُهڻِڪَنِ،
سُڻِئو رَڙِ رَعدَ جِي، ڪَلهِيُون ٿِيُون ڪَنبَنِ،
وارِثُ وَرِي تَنِ، اَچي شالَ اولو ڪَري.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 25 ]
سُڻِئو رَڙِ رَعدَ جِي، ڪَلهِيُون ٿِيُون ڪَنبَنِ،
وارِثُ وَرِي تَنِ، اَچي شالَ اولو ڪَري.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 25 ]
جِيئَڻُ جَتَ ڌاران، مَعذُورِ جو مَسَ ٿِئي،
چانگَنِ سِرِ چَڙِهي وِئا، ساٿِي سَوارا،
اَکِيُون اوتارا، پَسِئو رُونِ پُنهونءَ جا.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 9 ]
چانگَنِ سِرِ چَڙِهي وِئا، ساٿِي سَوارا،
اَکِيُون اوتارا، پَسِئو رُونِ پُنهونءَ جا.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 9 ]
وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، رَئِي پَسِئو ٿِي روءِ،
وِچان جو وِچُ پوءِ، سو ڪَنھِن پَرِ ڪَھِي لاھِيان.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 14 ]
وِچان جو وِچُ پوءِ، سو ڪَنھِن پَرِ ڪَھِي لاھِيان.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 14 ]
وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، ڏُسڪِئو جَهلي ڏارَ،
ٻَھَ ٻَھَ ٻيلايَنِ جي، ڪانڀُوءَ ۾ قَطارَ،
لَڪَنِ مان لَطِيفُ چئَي، نُوڙِئو ڪَري نِھارَ،
سي شِينھَن پَسِئو شُڪرانا ڪَري، ڀانئي ڪَرَھَنِ جا ڪَپارَ،
ھُو گُهمَنِ ۾ گِنوارَ، ھِيءَ ڀانئي اُٺَ بَلوچَ جا.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 20 ]