پييَنِ جي سنڌي معنيٰ
سمجهن، پرکن، پروڙين، رکن
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Felt, understand, put.
پييَنِ جا بيتن ۾ حوالا
تَنبُو طَبِيبَنِ، آڻي اَڱَڻِ کوڙِئا،
دارُون ھِنَ دَردَ کي، ڦَڪِيُون فَرَقُ نَہ ڪَنِ،
وِرِچِئو ويڄَ وَڃَنِ، سُڌِ نَہ پييَنِ سُورَ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 24 ]
دارُون ھِنَ دَردَ کي، ڦَڪِيُون فَرَقُ نَہ ڪَنِ،
وِرِچِئو ويڄَ وَڃَنِ، سُڌِ نَہ پييَنِ سُورَ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 24 ]
جَنِي جهيڙِئو ھاڻِ، عَلِيءَ جي اولادَ سين،
مَهِندان پييَنِ ڪاڻِ، ٿِئا جَماعِتِي يَزيدَ جا.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 4 ]
مَهِندان پييَنِ ڪاڻِ، ٿِئا جَماعِتِي يَزيدَ جا.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 4 ]
ڪا جَا ڍَرِي ڍُنگَرِي، ڪو جو وَرِئو واءُ،
اَڀَنِ ۾ اوسُ پِئو، ڇَپَر چَڙِھئو شاھُ،
عَلِيءَ شيرَ وِياءَ، رِڻُ ۾، پييَنِ راتِڙِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 7 ]
اَڀَنِ ۾ اوسُ پِئو، ڇَپَر چَڙِھئو شاھُ،
عَلِيءَ شيرَ وِياءَ، رِڻُ ۾، پييَنِ راتِڙِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 7 ]
ڪَتان نَہ پُوڻِي، تاڻِيان تَندُ نَہ نِڪِري،
ويڇِي پييَنِ وِچَ ۾، ڪاڪِيُون ڪالُهوڻِي،
مُون سين ڇِنُوڻِي، جيڏِي جَتَ ڪَري وِئا.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 16 ]
ويڇِي پييَنِ وِچَ ۾، ڪاڪِيُون ڪالُهوڻِي،
مُون سين ڇِنُوڻِي، جيڏِي جَتَ ڪَري وِئا.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 16 ]
لَڄايا مُنھان، ساجُهرِ ٿي سيڻَ وِئا،
پييَنِ ڀَنڀوران، سُڌِ مُنھِنجِيءَ ذاتِ جِي.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 1 ]
پييَنِ ڀَنڀوران، سُڌِ مُنھِنجِيءَ ذاتِ جِي.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 1 ]
ٻاروچي جِي ذاتِ، سَڄَڻَ ٻاروچي جِي ذاتِ،
اُٺَ گُنگائي ھَلِئا، وائِي ڪِئائُون نَہ واتِ،
جانِي جَتَ وَٺِي وِئا، تَنَ تَنِي جِي تاتِ،
ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، اَدِيُون آڌِيءَ راتِ،
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، رَھَ ۾ پييَنِ راتِ،
مِلان مَحبُوبَنِ کي، وِھاڻِيءَ پِرڀاتِ.
[ سُر ديسي، وايون، 15 ]

مُون سين مارُوئَڙِيُون، ڪِھَڙِيءَ رِيتِ رُسَندِيُون،
چوٽي ۾ جيڙُھ پِئو، پِيَنِ رَتُ ڄَيُون،
نيڻين نِنڊَ وِھُ ٿِي، ساري ساڏوھِيُون،
ھِتي جٖي ھُيُون، تَہ پييَنِ سُڌِ ھِنَ سِيلَ جِي.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 14 ]
چوٽي ۾ جيڙُھ پِئو، پِيَنِ رَتُ ڄَيُون،
نيڻين نِنڊَ وِھُ ٿِي، ساري ساڏوھِيُون،
ھِتي جٖي ھُيُون، تَہ پييَنِ سُڌِ ھِنَ سِيلَ جِي.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 14 ]
English Meaning
Felt, understand, put.