پورِھِيَتِ جي سنڌي معنيٰ
پورهيو ڪري گذارو ڪندڙَ مائي، پورهيو ڪندڙ، ڪاسبي. پيٽ گذر لاءِ محنت مزوري ڪندڙ. ڪمي، مزور.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A laborer, working woman.
پورِھِيَتِ جا بيتن ۾ حوالا
آئُون ھَڏِ نِماڻِي، جَا ٻانِهيُنِ کي ٻائِي چَوان،
نِيو مُون کي پاڻَ سين، پُنهون آرِياڻِي،
پورِھِيَتِ ٿِي پاڻِي، ٻِيَنِ کان ٻِيڻو ڀَرِيان.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 18 ]

ٻاروچي سان ٻَڙِي جيڏِيُون، ھيڪَر ٿِيان ھيڪاندِي،
چَڙِھِي نَہ سَگهان چوٽِيين، يارَ بِنان دِلِ ماندِي،
پورِھِيَتِ پُنهونءَ ڄامَ جِي، باندِيَنِ جِي آئُون باندِي،
پَھچائِجِ پُنهونءَ کي، ھِيءَ پِيادِي پانڌِي،
ڀينَرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، آئُون ايرادي آندِي،
ڪَرَمَ ساڻُ ڪَرِيمَ جي، ڪيچِي ٿِيندَمِ ڪانڌِي.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 14 ]

آڻي لِکِئي لَنئُن لائِي، آئُون ڪا جوڙَ جَتَنِ جو،
ٻَڙِي جيڏِيُون، آئُون ڪا ڪُڙُمُ ڪيچِيَنِ جو،
ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڪَھَلَ نَہ ڪِئائُون ڪائِي،
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، ڏيرَ ڪَري وِئا ڏاڍائِي،
ڀينَرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، ڪونهي سُورَنِ ڀائِي،
پَسِي پَنھِنجا ڪَمَڙا، لالَڻَ آئُون لَڄائِي،
پورِھِيَتِ پُنهونءَ ڄامَ جِي، ڪيچِيَنِ ڪَمِ نَہ آئِي،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ھوتَ ڪَرِيو ھَمراھِي.
[ سُر ڪوھياري، وايون، 6 ]

مُيَسِ مَرُ مَران، سُيَسِ وِچِ سَرَتِيين،
اَدِيُون آرِيچَنِ جي، سُورَنِ مَنجِهہ سَڙان،
پورِھِيَتِ ٿِي پَران پاسي پُنهونءَ ڄامَ جي.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 11 ]

جَو تو ڀانيو ھارُ، سو سُورَنِ سَندو سَنگهِرو،
چَنيسَرُ چِتُ کَڻِي، ٿِئو پورِھِيَتِ جو پارُ،
اَڻَ وَڻَتِ جو آچارُ، شَلَ ڪانڌُ ڪَنھِن سين نَہ ڪَري.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 12 ]

کِڄِئا کاھوڙِي، پَسِي پورِھِيَتِ ويسَرا،
ڏوٿِيئَڙا ڏوڙِي، وِکَ وَرايو پَنڌَ جِي.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 14 ]
ڏوٿِيئَڙا ڏوڙِي، وِکَ وَرايو پَنڌَ جِي.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 14 ]
کاھوڙِي کِجَنِ، پَسِئو پورِھِيَتِ ويسَرا،
سي ڏوٿِيئَڙا ڏُورِ وِئا، رِڃُنِ جٖي رَھَنِ،
ڪا مُلِ آھي تَنِ، مُون پِريان جِي ڳالِهڙِي.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 13 ]