پاٻُوھِيو جي سنڌي معنيٰ
پيار سان. سِڪَ منجهان، اُڪير سان، مُرڪي، کِلي، خوش ٿي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
With love, affection, with smile
پاٻُوھِيو جا بيتن ۾ حوالا
پاٻُوھِيو پُڇَنِ، ڪِٿي ھَٿُ حَبِيبَ جو،
نيزي ھيٺان نِينھَن جَي، پاسي پاڻَ نَہ ڪَنِ،
عاشِقَ اَجَلَ سامُھان، اُوچي ڳاٽِ اَچَنِ،
ڪُسڻُ قُربُ جَنِ، مَرَڻُ تَنِ مُشاھِدو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 16 ]

ڀَلائِيءَ جا ڀيرَ، پيشانِيءَ ۾ پِرِينءَ کي،
اَڱَڻِ اُڪَنڊِيَنِ جي، ڏي پاٻُوھِيو پيرَ،
قَمَرُ پاڙي ڪيرَ، شَمسُ سُپَيرِيَن سين.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 36 ]

واڪِئو واڪِئو وِکَ، پاٻُوھِيو پيرُ کَڻِي،
سي نَہ چَڙَھندِيُون ڏِکَ، موڙي پيرُ مَڻَن جي.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 7 ]

آروڙِجِي اُٿِئو، ديِمنِ پيَسِ دانھَن،
پاٻُوھِيو پيرُ کَڻي، سَمُو سَرَڻَنِ ڏانھَن،
مَٿِئان مَٿي ٻانھَن، اُڀو آڇي سُلطانَ کي.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 9 ]

پَنوَھارَنِ پاٻُوھِيو، وَرِئا واھُوندا،
سارِئَمِ سيڻَ سَيِّدُ چئَي، گاڏيلِيُون ۽ گُوندا،
ڀَرِ ڀِٽُنِ ھُوندا، ڀُنگا ڀَڙَ ڀَتارَ جا.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 6 ]

پَنوَھارَنِ پاٻُوھِيو، ڪِي وَسَ واھُوندَنِ،
لَٿو سِيءُ لَطِيفُ چئَي، ٻَڌو ڦَنُ ڦَرَنِ،
پائُرِ ڏِنِيُون پُٺِيُون، نَنڍَن نوراپَنِ،
عُمَرَ اُنَ اَگُوندَرِي، پاسي ڪانڌَ ڪَتَنِ،
اُوءِ ٿا ڪورِينِ ڪُؤَنرِي، سَرَتِيُون مَٿان سَسَنِ،
کائُرِ کَٿِيُون خاصِيُون، اوڄي اُتِ اَچَنِ،
ڪَڍِئو پيڻُ ڪَھَنِ، مَلِيرِ گُهرِجي مارُئِي.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 7 ]

پَنوَھارَنِ پاٻُوھِيو، ڪِي واھُوندَنِ وَسَ،
عُمَرَ اُنِهينءَ ڏيھَ جا، ڏوٿِيَنِ ڏِنَمِ ڏَسَ،
وَلِيُون وَڻَ ڦُلارِئا، لُلِرُ نِڱِئو لَسَ،
آڻِئو وِجَهنِ آھُرين، سَندا ٽُوھَنِ ٽَسَ،
ميوا مَڃَرَ ماکِيُون، سَڀَڪا چَکَنِ چَسَ،
ماڙِنِ وِھي مَسَ، مَلِيرِ گُهرِجي مارُئِي.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 8 ]