پاتائُون جي سنڌي معنيٰ
پھريائُون، ڍَڪيائُون، اوڍيائُون. سنجن سان سجايائُون، ويس وڳا پھريائُون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Wore, worn, decored. Put on.
پاتائُون جا بيتن ۾ حوالا
ھُونگاَري ھَلِئا، پاتائُون پَلاڻَ،
ليڙَنِ جُهُلون لاکَ جُون، سِينگارِئا سَرواڻَ،
جِھَڙو پُنهون پاڻَ، تِھَڙِي سِٽا ساٿَ جِي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 8 ]
ليڙَنِ جُهُلون لاکَ جُون، سِينگارِئا سَرواڻَ،
جِھَڙو پُنهون پاڻَ، تِھَڙِي سِٽا ساٿَ جِي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 8 ]
ناڪيلِيُون نَڪَنِ ۾ پاتائُون پَلاڻَ،
لاٿائُون لَطِيفُ چئَي، سَندا ڏاگهَنِ ڏاڻَ،
سَنجهي وِئا سَرواڻَ، آئُون پاڳوڙانِ پُڄِئو رُئان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 15 ]
لاٿائُون لَطِيفُ چئَي، سَندا ڏاگهَنِ ڏاڻَ،
سَنجهي وِئا سَرواڻَ، آئُون پاڳوڙانِ پُڄِئو رُئان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 15 ]
اُٺَ ويرِي اوٺارَ ويرِي، اُٺَنِ ويرِي ڏاڻَ،
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، پاتائُون پَلاڻَ،
مُون ڀانيان مَھمانَ، پَرَ ھُو پُنهون وَٺَڻَ آيا.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 8 ]
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، پاتائُون پَلاڻَ،
مُون ڀانيان مَھمانَ، پَرَ ھُو پُنهون وَٺَڻَ آيا.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 8 ]
ڦازا ڏيرَ ڦَگهين وِئا، اُٿِي اُٺَ نِياڻَ،
بَکُ نَدِي ٿَي نِستِيا، پاتائُون پَلاڻَ،
سَنجهي وِئا سَرواڻَ، مَين پُڻ ڀاڳو رَفتَگان.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 16 ]
بَکُ نَدِي ٿَي نِستِيا، پاتائُون پَلاڻَ،
سَنجهي وِئا سَرواڻَ، مَين پُڻ ڀاڳو رَفتَگان.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 16 ]
ڪِي جي سَڳا سُورَ جا، ويٺي وَٽِيائُون،
پُويو پاتائُون، ساڄا ڪِئو سِنڱِنِ ۾.
[ سُر پورب، سامي سنياسي، 10 ]
پُويو پاتائُون، ساڄا ڪِئو سِنڱِنِ ۾.
[ سُر پورب، سامي سنياسي، 10 ]
داتا سَندي دَرَ تي، پَلَيءِ پاتائُون،
وَٽِئائِين جي وِڙَنِ سين، اَمُلَ آندائُون،
کَنڊُون کاڌائون، پائي چَڪُ چانئُٺِ ۾.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 35 ]
وَٽِئائِين جي وِڙَنِ سين، اَمُلَ آندائُون،
کَنڊُون کاڌائون، پائي چَڪُ چانئُٺِ ۾.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 35 ]
ڪَرَ ڦُلَ ڦوٽا پارِچا، پاڻِيَٺَ پاتائُون،
ڪوٺِيُون قِيمَتَ سَندِيُون، تَرَ ۾ تاڪِيائُون،
لاڄُن ۾ لَطِيفُ چئَي، ٻيڙا ٻَڌائُون،
نَذُرُ نَبِيءَ ڄامَ جو، چَڙَھندي چَيائُون،
جي ڇُوھي ڇوڙِيائُون، سي ٻيڙِيُون رَکين ٻاجَهہ سين.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 11 ]