ٽَڪَرَ جي سنڌي معنيٰ
ڏونگر، پھاڙ، جبل، ڪوھ، پربت، روھ، ڇَپَرَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Hill, mountain.
ٽَڪَرَ جا بيتن ۾ حوالا
پَلَڪُ نَہ رَھي دِلِ تو ري، وَرُ مِيان صاحِبَ خانَ بلوچا،
اُٺَ چارِيندِيَسِ اُنِ جا، مَٿان سي ٽَڪَرَ ٽوري،
ڏُکَ لاھِيندِيَسِ ڏِيلَ جا، ساڻُ عَجِيبَنِ اوري،
ڪانگَ کِيندَمِ ڪيچَ جا، ماسُ چُنجُنِ سان چوري،
ڏِيندِيَسِ ماھُ مِرُنِ کي، مَٿان ڪُلَهنِ ڪوري،
آرِياڻِي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سارَ لَھَندُمِ سوري.
[ سُر آبڙي، وايون، 15 ]

جَي رائي ڪِي رَنجُورَ، ٽَڪَرَ توءِ ٽاڪِئو چَڙھي،
لانچِئو لَڪُ لَطِيفُ چئَي، ھَلي ڏانھَن حُضُورَ،
رَھِئا سَڀَ رِڃُنِ ۾، سَسُئِيءَ جا سالُورَ،
ساڄَنُ ميڙِئُسِ سُورَ، سُکَ نَہ ميڙِئُسِ سُپِرِين.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 16 ]

وَرَ ۾ ڪونِهي وَرُ، ڏيرَنِ وَرُ وَڏو ڪِئو،
نِھارِيندِيَسِ نِڪِرِي، بوتَنِ ڪارَڻِ بَرُ،
آڏو ٽَڪَرَ ٽَرُ، مَتان روھَ رَتِيُون ٿِيين.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 15 ]