ٻَھُون جي سنڌي معنيٰ
وڏو انداز، گهڻو، جهجهو، جام.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Abundant, much.
ٻَھُون جا بيتن ۾ حوالا
اکَرَ ڇُتي ھيڪَڙي، ٻَھُون جٖي نَہ ٻُجَهنِ،
ڪوھُ ڪِبو کي تَنِ، سَڄِي سُڻائي ڳالِهڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 30 ]

گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، ٻَھُون نِھاري ٻَنگُ،
سِرُ دَرِ قَدَم يار فِدا شُدِ چہِ بَجا شُدِ ، وَصُلَ اُھوئِي وَنگُ،
راتِ جَنِي جو رَنگُ، اللهَ سي اُڪارِئين.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 13 ]

وَ اَمَّا مَنْ خَافَ مَقَامَ رَبِّهٖ ، اِيءُ لَنگِهيائِين لَنگهُہ،
سِڪَندِيَنِ کي سَيِّدُ چئَي، ڪِينَ جَهلِيندو جَهنگُ،
راتِ جَنِي جو رَنگُ، اللهَ سي اُڪارِئين،
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 14 ]

مينھِيُون ھِنَ ميھارَ جُون، اللهَ ڪَرِ گهَڻِيون،
ٻِلَهہ ٽِلَهہ ڪامَ ٿِئي، سَڀَ چالُون چَئُہ ٿَڻِيُون،
ڪُونھُون ڄَڻي ڪامَ ڪا، سَڀَيئِي وَڇَڙِيُون،
ٻيلا ڪِجِ ٻَھُون، تَہ ڪانڌُ ڪُوڪاري ڪنڌئين.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 26 ]

ويھُ مَ مُنڌَ ماٺِ ڪَري، اُٿي وِجُهہ وَڙولَ،
سُتِيُنِ تان سَيِّدُ چئَي، ھَمَ غَمَ اَچَنِ ھولَ،
ٻَھُون پاري ٻولَ، ڪامِلُ ڌَڻِي ڪيچَ جو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 23 ]

تو سين ٻولَ ٻَھُون، سَھِسين ساڄَنُ جي ڪَري،
ڪَندِينءَ توءِ ڪَھُون، جَي نالو ڳِيَڙءِ نِينھَن جو.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 16 ]

زاغَ تُنھِنجي ذاتِ جو، ٿورو مَٿي مُون،
اُڏامِجِ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، صُبحِ سيڻَنِ ڏُونھُون،
ڪَري وينَتِيُون وِتَرِيُون، ٻاجهائِجِ ٻَھُون،
”لالَڻَ ڪونَہ لَھُون، جِھَڙو تو جَھانَ ۾“.
[ سُر پورب، ڪانگ، 31 ]

سَمُو سَوائِي، ٻَھُون ٻِئَنئان وِتَرو،
دانَهہ جي دَرٻارِ ۾، وَرَتي اِيءَ وائِي،
ڳَھڙَ ڳالَهائِي، مَھَڙَ سَڀَ مَلَهائِيا.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 25 ]

اَوڳُڻِ رُسي سَڀَڪو، ڳُڻين پِرِين رُٺامِ،
ٻَھُون ٻاروتَڻَ ۾، ڪي ڪَبِيرَ ڪِئامِ،
سيئِي سي سَرِئامِ، سُکَنِئُون سُورَ گَهڻا.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 10 ]

کَڻُ بورائو بازَ کي، ڳِجَهہ جِي ڪِجِ مَ ڳولَ،
ڊوڙَ جَنھِين ڍُونڍَ ڏي، رِڻَ ۾ وَتي رولَ،
جو ٻَھُون پاري ٻولَ، سو ھَٿان ڇَڏِ مَ شِڪرو.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 24 ]