ٻَھران جي سنڌي معنيٰ
ٻاھر طرف، ٻاھرين پاسي، ٻاهريون پاسو، پسگردائي، گردونواح.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The outer part, the outside. Outside, out, out of abroad.
ٻَھران جا بيتن ۾ حوالا
ڏِينھان ڏارِيءَ روءِ، راتِيان روءِ رَتَ ڦُڙا،
مَنجِهہ ويچارِيءَ ووءِ، ٻَھران ٻِي ٻِيَنِ سين.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 8 ]
مَنجِهہ ويچارِيءَ ووءِ، ٻَھران ٻِي ٻِيَنِ سين.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 8 ]
ٻَھران ٻِي ٻِيَن سين، مَنجِهہ ڪالُهوڻِي ڳالِهہ،
سا تان تُون سَنڀالِ، ھُوءَ جَا ڪِيَئِي ھوتَ سين.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 9 ]
سا تان تُون سَنڀالِ، ھُوءَ جَا ڪِيَئِي ھوتَ سين.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 9 ]
ٻَھران واھَ وِڙَنِ سين، اَندَرِ مُنڌَ ماتامُ،
سَسُئِيءَ سُوٽي ڪَڍِئا، تَعَلُقَ سَڀَ تَمامُ،
نِئُسِ نِينھَن نِيامُ، ڏِسَنِ ڏارِيءَ ويسَ ۾.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 11 ]
سَسُئِيءَ سُوٽي ڪَڍِئا، تَعَلُقَ سَڀَ تَمامُ،
نِئُسِ نِينھَن نِيامُ، ڏِسَنِ ڏارِيءَ ويسَ ۾.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 11 ]
مَنجِهہ ڪَٻَرُنِ ھُلُ، ٻَھران لقمَن چَمِڙا،
نَہ لاکو نَہ ڦُلُ، ڳُجُهہ ڳَرَھِيان ڪَنِ سين.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 2 ]
نَہ لاکو نَہ ڦُلُ، ڳُجُهہ ڳَرَھِيان ڪَنِ سين.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 2 ]
مُنھُن آھيريءَ جِيئَن اُجَري، قَلبَ ۾ ڪارو،
ٻَھران زيبُ زَبانَ سين، دِلِ ۾ ھَچارو،
اِنَ پَرِ ويچارو، ويجهو ناھِ وِصالَ کي.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 33 ]
ٻَھران زيبُ زَبانَ سين، دِلِ ۾ ھَچارو،
اِنَ پَرِ ويچارو، ويجهو ناھِ وِصالَ کي.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 33 ]
آءُ پِرِين گهَرِ پيھِي، مِيان چَنيسَرَ، ھارُ ھَٿان مُون ڇڏِئو،
پُڇَنِ لِيلان ھُوءِ ڪَنِ حِيلا، ٻَھران اَچِئو ٻيئِي،
دوسِتُ نِئائُون داسَڙو، ويساھي وَرُ ويھِي،
اَوَڳُڻَ عَيبَ مَٺايُون، مُنھِنجُون ڍولا ڍَڪِ سَڀَيئِي،
تو دَرِ اَچِي داسَڙا، آرَ ڪَرِينديسِ ڪيھِي.
[ سُر ليلا، وايون، 1 ]

راتِيين روءِ رَتَ ڦُڙا، مُنڌَ مُرڪي ڏِينھَن،
اَندَرِ نَعرو نِينھَن، ٻَھران واھَ وِڙَنِ سين.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 10 ]
اَندَرِ نَعرو نِينھَن، ٻَھران واھَ وِڙَنِ سين.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 10 ]
English Meaning
The outer part, the outside. Outside, out, out of abroad.