ٻاجهارا جي سنڌي معنيٰ
ٻاجهہ وارا، رحم وارا. مھربان، دياوان. ٻاجهہ يا رحم اچڻ جھڙا، رحم لائق.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The merciful, worthy of mercy. Generous.
ٻاجهارا جا بيتن ۾ حوالا
اَڄُ نِماڻا نيڻَ، ٻاجهارا ٻَروچَ ري،
وِرھُ وَٽِيندِيَسِ ڪَنِ سين، نَہ مُون سَڄَڻَ نَہ سيڻَ،
وَرِتا ٿيئَڙَمِ ويڻَ، پُنهونءَ جا پَرديسَ ۾.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 5 ]
وِرھُ وَٽِيندِيَسِ ڪَنِ سين، نَہ مُون سَڄَڻَ نَہ سيڻَ،
وَرِتا ٿيئَڙَمِ ويڻَ، پُنهونءَ جا پَرديسَ ۾.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 5 ]
پِئا ڪَنھِن پَرياڻَ ۾، ڇَھين ڏِينھِن ڇَڻِي،
اَندَرِ آديسِيَنِ کي، ڌُرِيائِين ڌَڻِي،
ٻَري ٻاجهارا ڪِئا، کانئي خاڪِ کَڻِي،
پِنِئو پَنجَ ڪَڻِي، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 6 ]
اَندَرِ آديسِيَنِ کي، ڌُرِيائِين ڌَڻِي،
ٻَري ٻاجهارا ڪِئا، کانئي خاڪِ کَڻِي،
پِنِئو پَنجَ ڪَڻِي، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 6 ]
جَي لِيلائي نَہ لَھين، تَہ پُڻ لِيلائيجِ،
آسَرَ مَ لاھيجِ، سَڄَڻَ ٻاجهارا گهَڻو.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 9 ]
آسَرَ مَ لاھيجِ، سَڄَڻَ ٻاجهارا گهَڻو.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 9 ]
English Meaning
The merciful, worthy of mercy. Generous.