وَڙُ جي سنڌي معنيٰ
احسان، قرب. ٿورو. ننگ، عزت، آبرو، لياقت. اصِيلي، شرافت. لڇڻ، افعال، عادت. لَلُ، کِرُ. شائستگي، مرجاتا، ٿورو، لائق، احسان، مھرباني، عنايت، نوازش، ڀلائي، ايڇپو، سلوڪ، هلت. رستو. درست، صحيح. چڱا، نمونو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Manners, propriety, fitness, seemliness. Kindness, obligation. The desire of a mare for a horse. Adj. proper, befitting, becoming.
وَڙُ جا بيتن ۾ حوالا
چَڱا ڪَنِ چَڱايُون، بُڇايُون بُڇَنِ،
جو وَڙُ جُڙي جَنِ سين، سو وَڙُ سيئِي ڪَنِ.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 4 ]
جو وَڙُ جُڙي جَنِ سين، سو وَڙُ سيئِي ڪَنِ.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 4 ]
پَلَيءِ لَڳِي آھِيان، مُون کي ڇَپَرِ تان نَہ ڇَڏيجا ٻاروچا،
پُنهون مُنھِنجو آن سين، اَئِين ساٿَ سَلامَتَ نيجا،
ڇورِي ڇِنِي آھِيان، مُون کي لَنگهَڻُ ڇوڙائيجا،
جوڳِيءَ ڪو ويسُ ڪَري، مُنھِنجِي سِگهَڙِي سارَ لَھيجا،
مُون تان وَڙُ وِڃايو، اَئِين ڪو پَنھِنجو وَڙُ ڪَريجا،
آرِياڻِي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، وَھلَڙِي وَھرَ ڪَريجا.
[ سُر حسيني، وايون، 26 ]

ٻاروچا ٻِئا گَهڻا، پُنهون سِرُ سَڀَنِ،
چانگي تي چَڙِھِي ڪَري، ڪَندو وَڙُ وِلِهِيُنِ،
مَٿي مَعذُورِنِ، ھوتُ ڌَرِيندو ھَٿَڙا.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 26 ]
چانگي تي چَڙِھِي ڪَري، ڪَندو وَڙُ وِلِهِيُنِ،
مَٿي مَعذُورِنِ، ھوتُ ڌَرِيندو ھَٿَڙا.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 26 ]
جَي تُون آسائو آھِين، تَہ وانءُ جَکِري لائي،
مَتان وَڙُ وڃائِيين، ڪَنھِن ٻي دَرِ لِيلائي،
سَمي سامائي، چِندا لاٿِي چارَڻين.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 21 ]
مَتان وَڙُ وڃائِيين، ڪَنھِن ٻي دَرِ لِيلائي،
سَمي سامائي، چِندا لاٿِي چارَڻين.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 21 ]
جَي سَنُهو نَہ سِکِي، تَہ مَرُ رَنڍا ئِي روڙي،
سُٽُ اُنِهيءَ جو سَيِّدُ چئَي، وِئا تَرازِيءَ توري،
ٿُلِهي ۽ ٿوري، ويچارِيءَ سين وَڙُ ٿِئو.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 20 ]
سُٽُ اُنِهيءَ جو سَيِّدُ چئَي، وِئا تَرازِيءَ توري،
ٿُلِهي ۽ ٿوري، ويچارِيءَ سين وَڙُ ٿِئو.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 20 ]
مَٿِنِ ٽُوھَ ٽَسڪَڙا، چِڪَندَڙا اَچَنِ،
کُڙِيُون کيھَ ڀَڪُليُون، پَگهَرُ سِرِي پيرَنِ،
اِيءُ وَڙُ ويڙِهيچَنِ، مُون لوڏانِئي لَکِئا.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 18 ]
کُڙِيُون کيھَ ڀَڪُليُون، پَگهَرُ سِرِي پيرَنِ،
اِيءُ وَڙُ ويڙِهيچَنِ، مُون لوڏانِئي لَکِئا.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 18 ]
اَڇو پِئو اَڇاھُ، تَہ اَڇا ئِيءَ اُبَھو،
وِھَڻُ وَڙُ نَہ آنھِنجو، لُڙَ پاسي لَلاھُ،
سُسَرِ ڏِجي ساھُ، ڪُسَرِ ڪَنگَنِ قَبَرُون.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 11 ]