وَٺِئو جي سنڌي معنيٰ
جهليو، ڳنهيو، سنڀاليو، رکئو، (وٺڻ جي حالت)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Seizing, laying hold of
وَٺِئو جا بيتن ۾ حوالا
وَڍِيين تان ويھُ، نَہ تَہ وَٺِئو واٽَ وَنءُ تُون،
ھِيءُ تَنِي جو ڏيھُ، ڪاتِي جَنِي ھَٿَ ۾.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 15 ]
ھِيءُ تَنِي جو ڏيھُ، ڪاتِي جَنِي ھَٿَ ۾.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 15 ]
ھُوندو ھَڏِ مَ سَنڌِ، لاءِ پِياڪَنِ پانھِنجو،
پوڄَ پِيارِجِ پَھِيڙا، ويندا وَٺِئو ڪَنڌِ،
ھَٽِ تُنھِنجي ھَنڌِ، موکِي ڪو مانُ لَھي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 9 ]
پوڄَ پِيارِجِ پَھِيڙا، ويندا وَٺِئو ڪَنڌِ،
ھَٽِ تُنھِنجي ھَنڌِ، موکِي ڪو مانُ لَھي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 9 ]
پَرتَوو پُنهونءَ جو، جُهڙَ جِيئَن جهالا ڏي،
آئُون تَنھِن آرِيءَ کي، وَٺِئو راھَ رُئان گهَڻو.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 9 ]
آئُون تَنھِن آرِيءَ کي، وَٺِئو راھَ رُئان گهَڻو.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 9 ]
مِلَندي سِيئَن مَرَندي سِيئَن، مُون کي آھي،
آيَلِ سُورُ سَندونِ،
آئُون پِيادِي پَنڌُ گهَڻو، ڪيچِي وِئا ڪَرَھَلَ ڪاھي،
عَشقُ آرِيءَ ڄامَ جو، ڪامَ وَٺِئو ٿو ڪاھي،
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، پِيرَ پَٿَرِ ڪا پائي.
[ سُر حسيني، وايون، 14 ]
آيَلِ سُورُ سَندونِ،
آئُون پِيادِي پَنڌُ گهَڻو، ڪيچِي وِئا ڪَرَھَلَ ڪاھي،
عَشقُ آرِيءَ ڄامَ جو، ڪامَ وَٺِئو ٿو ڪاھي،
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، پِيرَ پَٿَرِ ڪا پائي.
[ سُر حسيني، وايون، 14 ]
نازَ مَنجهاران نِڪِرِي، پِرِين ڪَري ٿو پَنڌُ،
ڀُون پُڻ بِسۡمِ اللهِ چَيو، راھَ چُمي ٿِي رَندُ،
اُڀيَنِ گهَڻو اَدَبَ ۾، وَٺِئو حُورُون ھَنڌُ،
سائِينءَ جو سوڳَندُ، ساجَنُ سَڀَنِئان سُهِڻو.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 11 ]
ڀُون پُڻ بِسۡمِ اللهِ چَيو، راھَ چُمي ٿِي رَندُ،
اُڀيَنِ گهَڻو اَدَبَ ۾، وَٺِئو حُورُون ھَنڌُ،
سائِينءَ جو سوڳَندُ، ساجَنُ سَڀَنِئان سُهِڻو.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 11 ]
وَٺِئو وَڃِجِ وَٽَ، ڪَنڌُ مَ ڦيرِجِ ڪيڏَھِين،
لوڻي ڦيرِ لَپاٽَ، لَڳَندِيَئِي لَطِيفُ چئَي.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 3 ]
لوڻي ڦيرِ لَپاٽَ، لَڳَندِيَئِي لَطِيفُ چئَي.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 3 ]
وَٺِئو وَڃِجِ راھَ، ڪَنڌُ مَ ڦيرِجِ ڪيڏَھِين،
اَڄُ ڪِ سَنجَهہ صُباحَ، نيئِي ڌَرِيندَءِ ڌُوڙِ ۾.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 4 ]
اَڄُ ڪِ سَنجَهہ صُباحَ، نيئِي ڌَرِيندَءِ ڌُوڙِ ۾.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 4 ]
جوڳِي ٿِينداسُون، ماءَ پَلِيندِينءَ ڪيتِرو،
گِلائُون ۽ غِيبَتَ، سَڀَيئِي سَھَنداسُون،
وَٺِئو وينداسُون، مُنھُن پَنھِنجو پاڻَ سين.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 1 ]
گِلائُون ۽ غِيبَتَ، سَڀَيئِي سَھَنداسُون،
وَٺِئو وينداسُون، مُنھُن پَنھِنجو پاڻَ سين.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 1 ]
وَٺِئو واٽَ وَڃان ٿِي، لُڇان ٿِي، مُسان ٿِي،
خَبَرَ ٻاروچَن جي، ڏُونگَرَ مُون کي ڏي،
داڳُ جَنِ جو دِلِ تي، آئُون پُڇان ٿِي سي،
مُون کي جَنِي مارِئو، آن ڪي گَڏِئا سي.
[ سُر پورب، وايون، 12 ]
خَبَرَ ٻاروچَن جي، ڏُونگَرَ مُون کي ڏي،
داڳُ جَنِ جو دِلِ تي، آئُون پُڇان ٿِي سي،
مُون کي جَنِي مارِئو، آن ڪي گَڏِئا سي.
[ سُر پورب، وايون، 12 ]
مَ ڪَرِ ڍولَ ڍِلو، ناتو نِماڻِيُنِ سين،
ڪونِهي ڪَمِيڻِيَنِ جو، بِگَرِ تو بِلو،
تُنھِنجو نانءُ نِلو، وَٺِئو ويٺِي آھِيان.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 6 ]
ڪونِهي ڪَمِيڻِيَنِ جو، بِگَرِ تو بِلو،
تُنھِنجو نانءُ نِلو، وَٺِئو ويٺِي آھِيان.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 6 ]
English Meaning
Seizing, laying hold of