وَنءُ جي سنڌي معنيٰ
وڃُ، ھليو وڃ، ڄُلُ، ڀڄُ، اُتي پھچ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Go, go there, reach
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
وَنءُ جا بيتن ۾ حوالا
وَڍِيين تان ويھُ، نَہ تَہ وَٺِئو واٽَ وَنءُ تُون،
ھِيءُ تَنِي جو ڏيھُ، ڪاتِي جَنِي ھَٿَ ۾.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 15 ]

جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، وَنءُ ڪَلاڙَڪي ھَٽِ،
لاھي رَکُ لَطِيفُ چئَي، مَٿو ماٽي وَٽِ،
سِرُ ڏيئِي ۾ سَٽِ، پِيئُجِ ڪي پِيالِيُون.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 19 ]

جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، تَہ وَنءُ ڪَلاڙَڪي گهَرِ،
وَڍَڻُ چِيرَڻُ چِچِرَڻ، پَھتِ اُنِهين جِي پَرِ،
جَي وَٽِيءَ پوءِ وَرِ، تَہ سَھِنگي آھِ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 21 ]

اَمُلُ اَساري پَئِي، ڀورِي ڀَڳُئِي جِيئَن،
وَنءُ صَرافَنِ سِينءَ، ٻَئِي اَڌَ ھَٿِ ڪَري.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 23 ]

پَلٽِئو پَنجِينءَ رَتِ ۾، رُپو سونُ سَبِيلَ،
پَلَنگَ پَٿِراڻِيُون پالِڪِيُون، نَوَ لَکَ ناڻي نِيلَ،
داتا وَٺان نَہ دانَ ۾، وَنءُ ڦيرائي فِيلَ،
آکِئُمِ جو اَصِيلَ، سو سِرُ ڏي تَہ سُرَھو ٿِيين.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 5 ]

ڪَرَھا ڪاڪِ چَري، وَنءُ وَڻانئُون نِڪِري،
لُڊُوڻان لَطِيفُ چئَي، آيو ڪو نَہ وَرِي،
گَهڻا اِتِ گِهڙِي، وَڳَ وِساري ھَلِئا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 23 ]

سَندَڙِيانِ سِڱَڙي، ڳالِهہ ڳُجَهڙِي، مُون مارِيندِي ڪَڏِھِين،
جَا وَڄائِينِ جَتَڙا، نَہ تَنھِن نَڙَ جِھَڙِي،
مُرلِيءَ کي جَنھِن ماتِ ڪِئو، نَہ تَنھِن تُلُ تُنبَڙِي،
تارِئو جَنھِن توڏِيءَ کي، نَہ سو گَهنڊُ نَہ گَهنڊِڙِي،
ڏارِئو جَنھِن ڏِياچَ کي، تَندُئان تَنھِن تِکَڙِي،
نَہ سَري نَہ سِنڌُ ڪا، نَہ ڪا ھِندُ ھِھَڙِي،
ڪوڙيِين واڄَٽَ ڪيتِرا، لَکين لاءِ ھَڻَندَڙِي،
ساراھِيَلَ جَا سُبحانَ جِي، تَنھِن واکاڻَ ڪِھَڙِي،
سَھِسين سُرودَنِ کي، پاڻان پوءِ وِجَهندَڙِي،
وَنءُ اونائي اُنَ کي، ويھُ مَ، کَڻُ وِکَڙِي،
بيخُودِ بابُو سي ٿِئا، ٻُرَندِي جَنِ ٻُڌَڙِي،
ڪَڙِي ڪُلاٽَنِ کي، مَحَبتَ وارَنِ مِٺَڙِي،
مِٺايان مِٺِي گهَڻو، چُوندا جَنِ چَکَڙِي،
گهانڊارِ مِرُون موھِئا، ھِيءَ ماڻُهو موھِيندَڙِي،
آھي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مُئا جِيارَڻَ جِھَڙِي.
[ سُر رامڪلي، وايون، 1 ]

ڪِھَڙِي پُڇين ڪالَهہ، ڪَرَ، نَہ ڪا اَڄُ صُباحَ،
وَنءُ تَنھِين سين واڳِئو، جيڪِي پَسِين مَنجِهہ پَساھَ،
رَمُ رَبانِي راھَ، مَٿي حالَ ھوشِيارُ ٿِي،
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 22 ]

وَنءُ مَدِيني مَڱڻا، اَکِيُون پيرَ ڪَري،
جِتِ ماڻِڪِي مُحَّمَدَ مِيرَ جِي، جَهرڪِيو جوتِ ڪَري،
پَسِئو جوتِ جَمالَ جِي، جِتِ اُمَتِيَنِ نيڻَ ٺَري،
پِرِيتَئون پيرَ ڀَري، ڪِجِ زِيارَتَ ذَوقَ سين.
[ سُر ڏھر، اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو، 20 ]

سَنئِين نَہ سيڻانِ، ناھِ اُبُتِي اُنِ سين،
وَنءُ سَھِي ويڻانِ، تو نَہ سَرَندو تَنِ ري.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 2 ]