وَرِئا جي سنڌي معنيٰ
وري ويا، وڪوڙي ويا، گهيري ويا
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
like wire, winded, revolved
وَرِئا جا بيتن ۾ حوالا
آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئَن وو مُنھِنجو نِينھُن پَلِئو نَہ رَھي،
سامُونڊِيءَ جي سَڱَ کي، رُئان راتو ڏِينھَن،
مادَرِ پائي مُنڊِيُون، وَڃان سَيِّدَ سِينءَ،
وِئو وَڻِجارو اوھَرِي، مُون کي چاڙِھي چِيئَن،
گُوندَرَ مَٿان جِندَڙي، وَرِئا وَلِيُنِ جِيئَن،
اُڏوھِيءَ جِيئَن ڏُکَڙا، چَڙِهئا چوٽِيءَ سِينءَ.
[ سُر سامونڊي، وايون، 5 ]

اوڙاھِ وِئا نَہ وَرِئا، آئُون تَنھِن مارِي ويڻَ،
ڪَري سامُونڊِي سيڻَ، جُسي جارُ پِرائِيو.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 15 ]
ڪَري سامُونڊِي سيڻَ، جُسي جارُ پِرائِيو.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 15 ]
لَڳَھَ پَسُ لَطِيفُ چئَي، آگَمَ ڪِئا اللهَ،
وَڏائِي واحِدَ ڪِئا، مَٿي گَسَنِ گاھَ،
پَلُرَ جي پالوٽَ سين، پَٽَنِ جَهلِئا پاھَ،
سانگِيَنِ وَرِئا ساھَ، اُٺُنِ آبُ اَگوندِرو.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 2 ]
وَڏائِي واحِدَ ڪِئا، مَٿي گَسَنِ گاھَ،
پَلُرَ جي پالوٽَ سين، پَٽَنِ جَهلِئا پاھَ،
سانگِيَنِ وَرِئا ساھَ، اُٺُنِ آبُ اَگوندِرو.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 2 ]
وَھِلو وانءُ وَرُ وَرِئا پِرِين، آءُ ڪانگا وَڻِ ويھُ،
جَنِ ڏُورِ چِتايو ڏيھُ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين.
[ سُر پورب، ڪانگ، 5 ]
جَنِ ڏُورِ چِتايو ڏيھُ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين.
[ سُر پورب، ڪانگ، 5 ]
وَھلو وانءُ وَرُ وَرِئا پِرِين، آءُ ڪانگا لَنئُن لاتِ،
وِئا جٖي قَلاتِ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين.
[ سُر پورب، ڪانگ، 6 ]
وِئا جٖي قَلاتِ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين.
[ سُر پورب، ڪانگ، 6 ]
پَنوَھارَنِ پاٻُوھِيو، وَرِئا واھُوندا،
سارِئَمِ سيڻَ سَيِّدُ چئَي، گاڏيلِيُون ۽ گُوندا،
ڀَرِ ڀِٽُنِ ھُوندا، ڀُنگا ڀَڙَ ڀَتارَ جا.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 6 ]
سارِئَمِ سيڻَ سَيِّدُ چئَي، گاڏيلِيُون ۽ گُوندا،
ڀَرِ ڀِٽُنِ ھُوندا، ڀُنگا ڀَڙَ ڀَتارَ جا.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 6 ]
پائُران پيھِي آيا، مَلِيران مارُو،
وَرِئا واهَرُو، هاڻُو سَڀَ هِيڻا ٿِئا.
[ سُر مارئي، پائران پيھي آيا، 4 ]
وَرِئا واهَرُو، هاڻُو سَڀَ هِيڻا ٿِئا.
[ سُر مارئي، پائران پيھي آيا، 4 ]
سَڏِ پُڻ سَلامِي ٿِئا، وَهِيءَ پُڻِ وَرِئا جٖي،
آهي تَنِي کي، مَھِندان ماڳُ مَلِيرَ ۾.
[ سُر مارئي، پائران پيھي آيا، 11 ]
آهي تَنِي کي، مَھِندان ماڳُ مَلِيرَ ۾.
[ سُر مارئي، پائران پيھي آيا، 11 ]
English Meaning
like wire, winded, revolved