وَرَنَھَ جي سنڌي معنيٰ
جانٺا، جوان، بھادر، اڙيل، مست، ھيرا، اڙٻنگهہ، مڙس مٿير
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A hero, valiant person, warrior.
وَرَنَھَ جا بيتن ۾ حوالا
جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، وانءُ ڪَلاڙين ڪاٽي،
لاھي رَکُ لَطِيفُ چئَي، مَٿو وَٽِ ماٽي،
تِڪَ ڏيئِي پِڪَ پِيءُ، گهوٽَ مَنجهان گهاٽي،
جو وَرَنَھَ وِھاٽي، سو سِرَ وَٽِ سَرو ساھَنگو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 18 ]
لاھي رَکُ لَطِيفُ چئَي، مَٿو وَٽِ ماٽي،
تِڪَ ڏيئِي پِڪَ پِيءُ، گهوٽَ مَنجهان گهاٽي،
جو وَرَنَھَ وِھاٽي، سو سِرَ وَٽِ سَرو ساھَنگو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 18 ]
جاڳَڻَ مَنجهان جَسُ، آھي اللهَ جَنِ کي،
لاھي ٿو لَطِيفُ چئَي، مَٿان قَلبَ ڪَسُ،
وَرَنَھَ ڪِجاھُ وَسُ، صُبُحَ ساڻُ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ڏھر، رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي، 6 ]
لاھي ٿو لَطِيفُ چئَي، مَٿان قَلبَ ڪَسُ،
وَرَنَھَ ڪِجاھُ وَسُ، صُبُحَ ساڻُ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ڏھر، رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي، 6 ]
English Meaning
A hero, valiant person, warrior.