وَراڪو جي سنڌي معنيٰ
وٽ، ورُ، پيچ، مروٽ، مروڙ، وڪڙ، آڪيڙو، مھٽ، ڦيرو، ولو، گهمتاري، چَڪر، گردش، گيڙو، ڦيراٽي، وراڻو. رستي جا ڏنگ يا وڪڙ، پيچرا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Twist, turn, twisting, wind, winding.
وَراڪو جا بيتن ۾ حوالا
ويٺِنِ ڪونَہ وَراڪو، سُتِيَنِ ڪونِهي سَڱُ،
ھوتُ ھَلَندِنِ کَٽِئو، اَنگهُنِ چاڙِھي اَنگُ،
باسي ڀَئِي ڀَنگُ، رِڙِھِي ڄامَ رَسِيُون.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 14 ]

سَسُئِي سِڄُ وِئو، ڏِجِ وَراڪو ويڙِھ ۾،
آرِياڻِيءَ پُنهونءَ جو، ڏُونگَرِ ڏَسُ پِئو،
آرَسُ جَنِ ڪِئو، اُٺَ نَہ ٻيلِي اُنِ جا.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 12 ]

ڏِجِ وَراڪو ويڙِه ۾، سَسُئِي وَڏي سُورِ،
آرَسُ جَنِ اَسُورِ، اُٺَ نَہ ٻيلِي اُنِ جا.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 13 ]

ڏِجِ وَراڪو ويڙِه ۾، سَسُئِي وَڏِي سَتِ،
جَنِي مُوڙِھِي مَتِ، اُٺَ نَہ ٻيلِي اُنِ جا.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 14 ]

ڪي اوڏا ئِي ڏُورِ، ڪي ڏُورِ پِہ اوڏا سُپِرِين،
ڪي سَنبِرِجَنِ نَہ ڪَڏِھِين، ڪي وِسرَنِ نَہ مُورِ،
جِيئَن مينھِن ڪُنڍِيءَ پُورِ، تِيئَن دوسِتَ وَراڪو دِلِ سين.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 6 ]