ووءِ جي سنڌي معنيٰ
رڙ، دانھن، ڪوڪ، ڪِيھَ، ڪوڪاٽ، رانڀاٽ، ريھاٽ، راڙه.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A scream, screech. Cry.
ووءِ جا بيتن ۾ حوالا
ووءِ ووءِ وِڏوڻا، ووءِ ووءِ وَڃَنِ نِڱِئا،
مُون سانگِياڻِيءَ جا سُپِرِين، سَچُ ڪِ سَنڀُوڙا،
لاٿُمِ نَہ توڙان، ماءَ اوسِيڙو اُنِ جو.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 4 ]
مُون سانگِياڻِيءَ جا سُپِرِين، سَچُ ڪِ سَنڀُوڙا،
لاٿُمِ نَہ توڙان، ماءَ اوسِيڙو اُنِ جو.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 4 ]
ووءِ ووءِ ڪَندِي وَتُ، مَڇُڻ ووءِ وِسارِيين،
رَندَنِ مَٿي رَتُ، ھارِ تَہ مِلِين ھوتَ کي.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 1 ]
رَندَنِ مَٿي رَتُ، ھارِ تَہ مِلِين ھوتَ کي.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 1 ]
ووءِ ووءِ ڪَندِي وَتُ، مَڇُڻ ووءِ وِسارِيين،
پاڻِي ھارِ مَ پَڌِرو، رو مَنجهائِين رَتُ،
صَبُرُ وَڏو سَتُ، سِگها ميڙي سُپِرِين.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 2 ]
پاڻِي ھارِ مَ پَڌِرو، رو مَنجهائِين رَتُ،
صَبُرُ وَڏو سَتُ، سِگها ميڙي سُپِرِين.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 2 ]
ووءِ ووءِ پُڻ ويئِي، رَنُنِ ڪارَڻِ جا ھُئِي،
پُنهونءَ کي پيئِي، رُوَندِي ڪيرَ رَتُ ڦُڙا.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 3 ]
پُنهونءَ کي پيئِي، رُوَندِي ڪيرَ رَتُ ڦُڙا.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 3 ]
گهوڙا گهَڻِيءَ ڀُون، ووءِ ووءِ وَڃَنِ نِڱِئا،
مادَرِ مَٿان مُون، ڪانگَ لَوَندا ڪَڏِھِين.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 5 ]
مادَرِ مَٿان مُون، ڪانگَ لَوَندا ڪَڏِھِين.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 5 ]
ويڙِھيين مَنجِهہ وَڙالَ، آن ڪي گَڏِئا ھوتَ مُنھِنجا،
گيڙُو ڪِئائُون ڪَپِڙا، رَتائُون رُومالَ،
جَڏو جِيءُ جِيارِئو، تَنِ سامِيَنِ جِيءَ سَنڀالَ،
وَتَنِ ڌُوڙِ ڀَڪُلِئا، ڪَنھِن سان ڪَنِ نَہ ڳالِهہ،
ووءِ ووءِ تَنِ نَہ وِسَرِي، ھوءِ تَنِي جي حالَ،
کامِي کُوري وِچَ ۾، پاڻان ٿِئَڙا پَيمالَ،
بابُو بيکارِي ٿِئا، وَتَنِ مَنجِهہ وِصالَ،
ماءُ مُنھِنجي جوڳِيين، ڪَنين ڪُنِرَ لالَ،
اُڀِي اوطاقُنِ ۾،ڪَرَ موڙِئائُون ڪالَهہ،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، جَڏا مَنجِهہ جَمالَ.
[ سُر پورب، وايون، 8 ]

ڪاڏي وَڃان ووءِ، جِيئَن وَھَڻُ وَڇارَنِ مَٽِئو،
ڏوڌِي پُڇي ڏيھَ جا، جَرَ سِرِ اُڀِي جوءِ،
شِڪَستِي سَيِّدُ چئَي، چِيھُون ڪِئو چوءِ،
ساھَڙَ سانگُ سَندوءِ، اَچِي اوراھُون ٿِئي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 16 ]
ڏوڌِي پُڇي ڏيھَ جا، جَرَ سِرِ اُڀِي جوءِ،
شِڪَستِي سَيِّدُ چئَي، چِيھُون ڪِئو چوءِ،
ساھَڙَ سانگُ سَندوءِ، اَچِي اوراھُون ٿِئي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 16 ]
ڏِينھان ڏارِيءَ روءِ، راتِيان روءِ رَتَ ڦُڙا،
مَنجِهہ ويچارِيءَ ووءِ، ٻَھران ٻِي ٻِيَنِ سين.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 8 ]
مَنجِهہ ويچارِيءَ ووءِ، ٻَھران ٻِي ٻِيَنِ سين.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 8 ]
سُتو ڪِيئَن نِنڊُون ڪَرِيين، وَرَ وِھاڻِيءَ ووءِ،
صُباحَ ساجُ سَندوءِ، پِئو ھُوندو پَٽَ ۾.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 33 ]
صُباحَ ساجُ سَندوءِ، پِئو ھُوندو پَٽَ ۾.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 33 ]
English Meaning
A scream, screech. Cry.