وارِئو جي سنڌي معنيٰ
واريو، موٽائيو، ڦيريو، سترو ڪيو، وري حاجت ۾ موڪليو، ورائي ڏيو، موٽائي موڪليو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Return, returning back
وارِئو جا بيتن ۾ حوالا
تُون حَبِيبُ تُون طَبِيبُ، تُونھِين ڊَٺنِ ڊَبُ،
تُون ڏيِين تُون لاھِيين، تُونھِين ھادِي رَبُ،
آھِمِ اِيءُ عَجَبُ، جِيئَن وارِئو ويڄَ وِھارِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 4 ]
تُون ڏيِين تُون لاھِيين، تُونھِين ھادِي رَبُ،
آھِمِ اِيءُ عَجَبُ، جِيئَن وارِئو ويڄَ وِھارِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 4 ]
سَڀَيئِي سِينگارَ، مُنڌَ مَرَندي ڇَڏِئا،
ڳَچِيءَ وارِئو ٻانھَڙي، وَھي ساڻُ وَڇارَ،
لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي، سِگهو رَسُ سَھاڙَ،
عِشقَ جي آڌارَ، پارُ سُونھايُمِ پِرِينءَ جو.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 19 ]
ڳَچِيءَ وارِئو ٻانھَڙي، وَھي ساڻُ وَڇارَ،
لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي، سِگهو رَسُ سَھاڙَ،
عِشقَ جي آڌارَ، پارُ سُونھايُمِ پِرِينءَ جو.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 19 ]
توڏَنِ تان نَہ تَنوارِئو، مُنھِنجو لالَڻُ وارِئو،
اللهَ مِيان ڪارَڻِ اَئِين اوٺِيا،
ميندِيءَ موڙَ مَلِيرَ جا، چانگَنِ کي سَڀَ چارِئو،
شَرَفُ لَھي سَسُئِي، ڪُٺِل کي ڪَمُ ڪارِئو.
[ سُر معذوري، وايون، 4 ]
اللهَ مِيان ڪارَڻِ اَئِين اوٺِيا،
ميندِيءَ موڙَ مَلِيرَ جا، چانگَنِ کي سَڀَ چارِئو،
شَرَفُ لَھي سَسُئِي، ڪُٺِل کي ڪَمُ ڪارِئو.
[ سُر معذوري، وايون، 4 ]
جَي سُورَنِ سِجهائِي، توءِ چيلِهہ ٻَڌئِو چوٽِيين چَڙھي،
لَڌائِين لَطِيفُ چئَي، لالَڻُ لِيلائي،
سَڱُ پُنُوھَ جي سَسُئِي، ميڙي مِلائِي،
ٻانڀَڻِ ٻاڏائِي، حَبِئان وارِئو ھوتَ کي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 15 ]
لَڌائِين لَطِيفُ چئَي، لالَڻُ لِيلائي،
سَڱُ پُنُوھَ جي سَسُئِي، ميڙي مِلائِي،
ٻانڀَڻِ ٻاڏائِي، حَبِئان وارِئو ھوتَ کي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 15 ]
ڇا کي ٿا ڪَرَھَ قَطارِئو، واڳَ وَٺِي وَرُ وارِئو،
مُون نِماڻِيءَ تان ڪِينَ چَئو،
سائِينءَ ڪارَڻِ سُپِرِين، دوسِتَ دَرسَنُ ڪارِئو،
رَھو راتِ ڀَنڀورَ ۾، تا ڪا گهَڙِي ھِتِ گهارِئو،
سِڪِي جَنھِن سَڱُ ڪِئو، تَنھِن مَعذُورِ کي اَئِين مَ چارَئو،
موڙي مَڃَرَ ڏارِيُون، چانگَنِ کي اَئِين چارِئو،
جانِبَ مُنھِنجي جِيءَ جو، آڳاندِو ڏَڍُ آھِيو،
آرِياڻِي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، لَڪِيُون لَڪَ لنگهايو.
[ سُر ديسي، وايون، 4 ]

ھَلَڻُ سَھان نَہ ھوتَ جو، وَڃَڻُ مَ وارِئو،
رَھو راتِ ڀَنڀورَ ۾، تان گهَڙِي ھِتِ گهارِئو،
مَعذُورِ مَ مارِئو، سِڪِي جَنھِن سَڱُ ڪِئو.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 5 ]
رَھو راتِ ڀَنڀورَ ۾، تان گهَڙِي ھِتِ گهارِئو،
مَعذُورِ مَ مارِئو، سِڪِي جَنھِن سَڱُ ڪِئو.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 5 ]
وَسِي وِساڻِيُون، رَتو روئِي پِرِينءَ کي،
پييُون کَڻَنِ پَٻَ ڏي، نَظَرَ نِماڻِيُون،
سي ڪِيئَن ٻيلِياڻِيُون، جَنِ وِيندو ھوتَ نَہ وارِئو.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 23 ]
پييُون کَڻَنِ پَٻَ ڏي، نَظَرَ نِماڻِيُون،
سي ڪِيئَن ٻيلِياڻِيُون، جَنِ وِيندو ھوتَ نَہ وارِئو.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 23 ]
کِلِي جان کِيڪارِيان، تان ساٽِي سَڱُ نَہ ڪَنِ،
وارِئو وَھِٽَ وَڃَنِ، ڪَنِ سَڀَاڳَنِ سامُھان.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 10 ]
وارِئو وَھِٽَ وَڃَنِ، ڪَنِ سَڀَاڳَنِ سامُھان.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 10 ]
اُٺي ٿِي وَراڻِ، کِيئَن واڌايُون آيُون،
لَٿِي لَووَرياڙِيين، مِڙَنِي مُنھَن ڪاڻِ،
صُلِحُ وارِئو سُومَري، چَيو پَنوَهارَنِ پاڻِ،
حَمِيرَنِئُون هاڻِ، مُھتُ لَھَندِينءَ مارُئِي.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 6 ]
لَٿِي لَووَرياڙِيين، مِڙَنِي مُنھَن ڪاڻِ،
صُلِحُ وارِئو سُومَري، چَيو پَنوَهارَنِ پاڻِ،
حَمِيرَنِئُون هاڻِ، مُھتُ لَھَندِينءَ مارُئِي.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 6 ]
زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سَبا سيڻَ وِئا،
وِنجُهلَ ويڙِهيچَنِ جي، مُون کي مارِئو ماءُ،
مَريَمَ طٰهٰ اَنبِياءِ، واسي وَسَ وِئا،
مارُوءَ جي مِلَڻَ جو، واحِدَ وارِئو واءُ،
لَھِي لوھَ وِئا، وَرِئو وَرَقُ وِصالَ جو.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 10 ]