واجهَہ جي سنڌي معنيٰ
وجهَہ. اٽڪلون، رٿَ، حيلا. تَڪ، گهور. موقعا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Methods, tricks, ways, opportunities.
واجهَہ جا بيتن ۾ حوالا
سَڃِ تَہ مانَ سُورُ لَھي اَکِيُون ڀَري ٻاجَهہ،
راڻِي جِيءَ رِھاڻِ کي، ويٺِي وِجهان واجهَہ،
سوڍا لَھِي ساجَهہ، پَسُ تو شَڪُون تَڪِيا.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 5 ]

اُوڻَٽِيھَن آيا، سَناسِي سَرتاجَ،
حاصِلُ حُسَينِيَنِ جِي، سَڀَ ٿِيندِي حاجَ،
پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي، ويٺا وِجَهنِ واجهَہ،
ساڌُو اُوءِ سَٻاجَهہ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 29 ]

اَکِيُنِ کي آھِين، وَڏا واجهَہ وِڙَھڻَ جا،
اُڀِيُون مَنڊي مامِرو، جهيڙو نَہ لاھِينِ،
جِيئَن سي ڪَڪَرَ اُڀَ ۾، تِيئَن آگِمَيُون آھِينِ،
جهُڙ ڦُڙِ نَہ لاھِين، وَسَنِ، سانوَڻَ مِينھَن جِيئَن.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 15 ]

ماڙِنِ مارِيَسِ ڪِينَڪِي، مارُنِ لاءِ،
ڪَرَلَھَندا ڪَڏِھِين، مُنھِنجِي اَچِي ماءِ،
سانبِيَڙا سَنداءِ، ويٺو واجهَہ وِجهي ھِنيُون.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 2 ]

ويٺو واجهَہ وِجهي ھِنيُون، پَرِ ۾ پَنوَھارَنِ،
اَتِ اُڪَنڊِي آھِيان، پائُرِ ۽ پِرِيَنِ،
ٻِي نَہ ڪَندِيَسِ ڪَنِ، ويندِيَسِ وَطَنَ سامُھِين.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 3 ]