هِدايَتَ جي سنڌي معنيٰ
رهنمائي، سونھپ، سنئين واٽ، پيشوائي، رهبري، سنئون رستو، صحيح راھ، اڳواڻي. نصيحت، فھمائش، سمجهاڻي، تاڪيد. ڏَس، پتو، نشان، پار. حڪم، فرمان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Leading one into the right way (in a literal or religious sense), guidance, direction, instruction, injunction, precept, taking the right path, righteousness.
هِدايَتَ جا بيتن ۾ حوالا
زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سانبِي سارِئَمِ راتِ،
صُبحِ سَجدَہ فُصِلَت، لَنوَنِ لَطِيفِي لاتِ،
رَعدَ فُرقانِ عَنڪَبُوتِ، هِدايَتَ حُجراتِ،
مُون تَنَ تَنِي جِي تاتِ، جَنِ جو اورَڻُ اَحزابِ سين.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 14 ]