نِڱِئو جي سنڌي معنيٰ
نڪتو، نڪريو، پاڪ ٿي ٻاھر نڪتو، ٺيڪ ٿي ويو، صاف ٿيو
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Gone, cleared, passed
نِڱِئو جا بيتن ۾ حوالا
عاشِقُ چَئُہ مَ اُنَ کي، مَ ڪِي چَئُہ مَعشُوقُ،
خالِقُ چَئُہ خامَ تُون، مَ ڪِي چَئُہ مَخلُوقُ،
سَلِجِ تَنھِن سُلوڪُ، جو ناقِصا نِڱِئو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 21 ]
خالِقُ چَئُہ خامَ تُون، مَ ڪِي چَئُہ مَخلُوقُ،
سَلِجِ تَنھِن سُلوڪُ، جو ناقِصا نِڱِئو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 21 ]
سُورِيءَ تي سَئو وارَ، ڏِھاڙِئو چَنگِ چَڙھين،
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سِڪَڻَ جِي پَچارَ،
پِرتِ نَہ پَسِين پارَ، نِينھُن جِئائِين نِڱِئو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 7 ]
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سِڪَڻَ جِي پَچارَ،
پِرتِ نَہ پَسِين پارَ، نِينھُن جِئائِين نِڱِئو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 7 ]
ڇُلان تَہ ڇِڄَنِ پيرَ، وِھان تَہ وَڃَنِ نِڱِئو،
مُون جِيئَن ڪَندِي ڪيرَ، جَتَنِ پُٺِيءَ جُلهُون.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 3 ]
مُون جِيئَن ڪَندِي ڪيرَ، جَتَنِ پُٺِيءَ جُلهُون.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 3 ]
رَتُ سِرڪِي نِڱِئو،ڏيئِي سورَٺِ مَهِندان سَٽَ،
ڌَڙُ ڌُٻِي پِئو پَٽ تي، مَٿو مَٿان کَٽَ،
آيو سو اُلَٽَ، راڻِيُون جَنھِن رُئاڙِيُون.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 15 ]
ڌَڙُ ڌُٻِي پِئو پَٽ تي، مَٿو مَٿان کَٽَ،
آيو سو اُلَٽَ، راڻِيُون جَنھِن رُئاڙِيُون.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 15 ]
سامِي مَڙِهي سَندِياءِ، سامُھِين مُون سيلَهہ ٿِي،
سا تان ڪوھُ اَڏِياءِ، جان نانگا وَڃين نِڱِئو.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 26 ]
سا تان ڪوھُ اَڏِياءِ، جان نانگا وَڃين نِڱِئو.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 26 ]
نانگو نَنگا نِڱِئو، تَنھِن نانگي نَنگُ نَڪو،
نَہ ڪا ڇوٽِي ڪَڇَ ۾، نَڪِي ڌوتِئو ڌوءِ،
راتِيان ڏِينھان روءِ، ڳالِهہ پَروڙِئو ڳُجَهہ جِي.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 28 ]
نَہ ڪا ڇوٽِي ڪَڇَ ۾، نَڪِي ڌوتِئو ڌوءِ،
راتِيان ڏِينھان روءِ، ڳالِهہ پَروڙِئو ڳُجَهہ جِي.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 28 ]
ڀُڄِئان ڀُلِي نِڱِئو، ڏيئِي پاٻوڙي پيرُ،
جيسي ۽ جَسراڄَ جو، مَٿي وانڍِنِ ويرُ،
ڪَڇِ رَھَندو ڪيرُ، لاکو لوڙائُو ٿِئو.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 8 ]
جيسي ۽ جَسراڄَ جو، مَٿي وانڍِنِ ويرُ،
ڪَڇِ رَھَندو ڪيرُ، لاکو لوڙائُو ٿِئو.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 8 ]
پَنوَھارَنِ پاٻُوھِيو، ڪِي واھُوندَنِ وَسَ،
عُمَرَ اُنِهينءَ ڏيھَ جا، ڏوٿِيَنِ ڏِنَمِ ڏَسَ،
وَلِيُون وَڻَ ڦُلارِئا، لُلِرُ نِڱِئو لَسَ،
آڻِئو وِجَهنِ آھُرين، سَندا ٽُوھَنِ ٽَسَ،
ميوا مَڃَرَ ماکِيُون، سَڀَڪا چَکَنِ چَسَ،
ماڙِنِ وِھي مَسَ، مَلِيرِ گُهرِجي مارُئِي.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 8 ]

جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، نَہ سِڱِيُون سيلِهيُون ڇَڏِ،
دُونھِيَئُون دُورِ ٿِي، مَڙِهي مُورُ مَ اَڏِ،
سُپيرِيان جي سَڏِ، نانگا اونءُ نِڱِئو.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 4 ]
دُونھِيَئُون دُورِ ٿِي، مَڙِهي مُورُ مَ اَڏِ،
سُپيرِيان جي سَڏِ، نانگا اونءُ نِڱِئو.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 4 ]
جِئان ڏِنائُون پيرَ، جِئان ڏِنائُون پيرَ،
مَٿي اَڱَڻَ آئِيا، سُونھَڻَ لَڳا سيرَ،
جِئائِين نَبي نِڱِئو، ڀَري مُبارڪَ پيرَ،
ساري شفِيعَ ڄامَ کي، ھِينئَڙي لَڳِي ھيرَ،
ڀَڳا ڪوٽَ ڪُفارَ جا، اَچِي عَلِيءَ شيرَ،
لَٿا ڏُکَ سُکَ ٿِئا، ٿِي واڌائِيءَ ويرَ.
[ سُر بلاول، وايون، 2 ]